ڪراچي – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي تعاون سان ٽي سالن ۾ ڪراچي جا مسئلا حل ڪيا ويندا، ڪراچي پيڪ??ج تي ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، جامع تعاون سان 1100 ارب روپين جي پيڪ??ج تي عملدرآمد سان صورتحال ۾ بهتري ايندي، الله جي رحمت ۽ قوم جي حيثيت سان ڪوششن جي ڪري ڪورونا وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب رهياسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن باباءِ قوم قا??داعظم محمد علي جناح رحه جي ورسي جي موقعي تي مزار قا??د تي حاضري کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گورنر عمران اسماعيل سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی