اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 131 فوتگيون ٿيون جنهن م??ن 59 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 4 هزار 207 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 68 سيڪڙو، لاهور ۾ 56 سيڪڙو، پشاور ۾ 36 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 48 سيڪڙو ??ريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، صوابي ۾ 47 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 45 سيڪڙو، ملتان ۾ 65 سيڪڙو ??ريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 51 هزار 130 ٽيسٽ ڪيا ويا جن م??ن سنڌ ۾ 20 هزار 421، پنجاب ۾ 15 هزار 949، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 43، اسلام آباد ۾ 3 هزار 949، بلوچستان ۾ هڪ هزار 481، گلگت بلتستان ۾ 333، آزاد ڪشمير ۾ 954 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن ج?? انگ 8 لک 4 هزار 122 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 540 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز ج?? انگ 66 هزار 282 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان م??اثر ماڻهن ج?? انگ 8 لک 90 هزار 391 آهي.
ڪورونا سبب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 131 ڄڻا فوت
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات