اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته بلين ٽري سونامي منصوبي جي ڪاميابي لاءِ سڄي قوم کي متحد ٿي ساٿ ڏيڻو پوندو، ا?? جي ڪاميابي سان ماحوليات سميت معيشت، سياحت کي فروغ ملندو، آلودگي ۾ گهٽتائي ايند??، ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت کي تح??ظ ملندو، دنيا جا اهڙا ملڪ جيڪي ڪاربان اخراج جو وڏو سبب آهن اهي پنهنجي ذميداري پوري ڪندي غريب ملڪن کي ان کي منهن ڏيڻ لاءِ فنڊز فراهم ڪن ته جيئن هو پنهنجي ماحول کي بهتر ڪري سگهن، قومي پارڪس ۽ ٻيل?? جي تح??ظ لاءِ فارسٽ گارڊز جو تعداد وڌائينداسين، مقامي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪنداسين ته جيئن هو ا?? جي بنيادي ڌر بڻجي ان جو تح??ظ ڪري سگهن، 2030ع تائين 60 سيڪڙو بجلي قابل تجديد توانائي تي منتقل ڪنداسين، پوري قوم کي گڏجي گڏيل قوم?? جي ايڪو سسٽم جي بحالي واري ڏهاڪي جي ڪاميابي لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي. وزيراعظم عمران خان ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد تقريب کي خاص مهمان طور خاص خطاب ڪندي چيو ??ه پاڪستا?? جي لاءِ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب جي ميزباني هڪ وڏو اعزاز آهي، کيس خوشي آهي ته تمام جلد پاڪستان ماحوليات جي حوالي سان ڪوششن ۾ عالمي نقشي تي اچي ويو ??هي، دنيا هاڻي ان جو ادراڪ ڪري ٿي ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي ته هو پنهنجي ايندڙ نسل?? جي لاءِ قدم کڻي رهيو ??هي، هن چيو ??ه مسلمانن ۽ پاڪستاني قوم لاءِ حضور اڪرم ﷺ جي حديث جو فهم ضروري آهي جنهن ۾ هن فرمايو ??ه ايندڙ دنيا لاءِ ايئ?? جيئو ته سڀاڻي مري وڃڻو آهي ۽ هن دنيا جي لاءِ ايئ?? جيئو ته هزارين سال زنده رهڻو آهي، اهو الله جو حڪم آهي ته ا?? جي زمين تي قدم رکو ته ان جو فڪر ڪريون ته جيڪو ڪم اسان ڪري رهيا آهيون ان جا ايندڙ نسلن تي ڪهڙا اثر پوندا. وزيراعظم چيو ??ه بدقسمتي سان دنيا جي ا??ثر ملڪن ان طرف ڌيان نه ڏنو، پاڪستان به انهن ملڪن ۾ شامل هو، تنهن هوندي به ڪجهه ملڪن ان جو احساس ڪيو ۽ هنن ماحوليات جو خيال رکيو، وزيراعظم چيو ??ه اسان خيبرپختونخوا ۾ هڪ ارب ٻوٽا لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ??ڏهن اسان کي خبر پئي ته پاڪستا?? جي سڄي تاريخ ۾ هيستائين 64 ڪروڙ وڻ پوکيا ويا اسان خيبرپختونخوا ۾ اهو هدف پورو ڪيو، هن چيو ??ه اسا?? جي لاءِ اهو تڪليف ڏيندڙ ڳالهه هئي ته پاڪستان ۾ ڇانگامانگا، ديپالپور، تاندليانوالا ۽ چيچه وطني ۾ جيڪي ٻيلا هئا اهي به وڍيا ويا، ڪنهن کي اسا?? جي ايندڙ نسلن جو خيال نه هو، اسان پنهنجي دريائن کي بي دردي سان آلوده ڪيو، ماضي ۾ زمان پارڪ جي ٻاهران واهه مان ماڻهو پاڻي پئيندا هئا ، باغ?? جي شهر لاهور ۾ آلودگي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، هن چيو ??ه ايڪو سسٽم جي بحالي جو ڏهاڪو دنيا جي لاءِ هڪ موقعو آهي ته هو ماحوليات جي بهتري لاءِ قدم کڻي، الله اسان کي موقعو ڏنو آهي ته پنهنجو ماحول ٺيڪ ڪريون، اهي 10 سال اسا?? جي لاءِ پنهنجو رخ درست ڪرڻ جي لاءِ اهم آهن، وزيراعظم چيوته ڪاربن اخراج ۾ پاڪستان جهڙن ملڪن جو ڪردار هڪ سيڪڙو به نه آهي ا?? جي باوجود اسان اهو فيصلو ڪيو ??ه عالمي گرمي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻنداسين. وزيراعظم چيو ??ه گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل وڏي اهم ڳالهه ڪئي آهي ته دنيا ۾ پاڻي جو بحران اچڻ وارو آهي، پاڪستان ۾ هينئر کان صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ تي اختلاف پيدا ٿي چڪا آهن، پاڪستا?? جي دريائن ۾ 80 سيڪڙو پاڻي گليشيئر مان ايندو آهي ۽ اهو عالمي حدت سان متاثر ٿي رهيا آهن، جن ملڪن جو پاڻي جو دارومدار گليشيئر تي آهي انهن لاءِ وڏا مسئلا آهن، هندستان ۾ پاڻي گليشيئر کان دريائن ۾ ايندو آهي ۽ اهو به متاثر ٿيندو ۽ ان کانسواءِ وچ ايشيائي رياستن ۾ پاڻي به گليشيئر مان ايندو آهي اهو سڄو علائقو متاثر ٿيندو
بلين ٽري سونامي منصوبي جي ڪاميابي لاءِ سڄي قوم کي متحد ٿي ساٿ ڏيڻو پوندو, پاڪستان جي لاءِ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب جي ميزباني هڪ وڏو اعزاز آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا