اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن جو سج طلوع ڪندڙ لنڊن ۾ غروب ٿي چڪا آهن، شهباز شريف پارٽي جي اندر ٿيندڙ ناانصافي جي ڪاوڙ غيرآئيني ۽ غيرجمهوري مطالبا ڪري نه ڪڍي، شهباز شريف اڳ ۾ طئي ڪري وٺي ته هو پارٽي جي ”اندر“ آهي يا وڏي ميان پنهنجن جي ذريعي ”ٻاهر“ ڪري ڇڏيو آ??ي، پي ايم ايل اين جي سياست کي وڏي ميان صاحب ۽ سندس ڌيءَ دفن ڪري ڇڏيو آ??ي، اهي پاڪستان جي عوام کي بيوقوف نه ٿا بڻائي سگهن، جي??ڏهن اهي اقتدار ۾ هجن ته حڪومت آئيني مدو پورو ڪري، عوام جي??ڏهن اقتدار عمران خان کي ڏي ته انهن کي برداشت نه آهي. شهباز شريف ۽ م??لا??ا فضل الرحمان جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جن کي سرڪاري وسيلن ۽ پروٽوڪول استعمال ڪرڻ جي ڏهاڪن تي ٻڌل عادت لڳل هجي ته اهي اقتدار ۽ اختيار کانسواءِ ائين ئي تڙپندا آهن جيئن مڇيءَ پاڻي کانسواءِ. جي??ڏهن ملڪ ۾ اڄ مهانگائي آهي ته ان جو سبب توهان جي اربن کربن جي ڪرپشن ۽ غيرملڪي ??رض آهن جي??ي توهان ذاتي مفاد جي لاءِ وٺندا رهيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته م??لا??ا پنهنجي سياسي اناءَ جي تسڪين لاءِ جمهوري نظام سان نه کيڏي، انهن کي اڳوڻي دور ۾ قومي اسيمبلي ۾ ڪيل پنهنجي تقرير ڇو ياد نه اچي رهي آهي؟ پنهنجي هڪ پليٽ حلوي جي لاءِ پوري ديڳ ڇو اونڌي ڪرڻ چاهي ٿو؟ چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شريف پنهنجي ڀاءُ ۽ مريم نواز پنهنجي چاچي شهباز شريف سان اهو ئي سلوڪ ڪري رهيا آهن جي??و زرداري ۽ بلاول گڏجي م??لا??ا فضل الرحمان سان س??ن ڪيو آ??ي. م??لا??ا کي پنهنجي اها عزت افزائي ڪڏهن نه وسارڻ گهرجي، م??لا??ا صاحب ۽ شهباز شريف گڏجي متاثرين جي لاءِ انجمن ٺاهين.
شهباز شريف پارٽي جي اندر ٿيندڙ ناانصافي جي ڪاوڙ غيرآئيني ۽ غيرجمهوري مطالبا ڪري نه ڪڍي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس