لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي تعمير جي اصولي منظوري ڏيندي پي سي بي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته ان جي تعمير کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا وس??لا استعمال ۾ آندا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اها هدايت پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا سان ملاقات دوران ڏني جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ايندڙ پي ايس ايل سيزن ۽ ڪرڪيٽ جي مجموعي ڍانچي تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم اسلام آباد ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي تعمير جي اصولي منظوري ڏني ۽ پي سي بي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته ان جي تعمير کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا وس??لا استعمال ۾ آندا وڃن. پي سي بي چيئرمين وزيراعظم کي اسٽيڊيم جي تعمير 2025ع تائين مڪمل ڪرڻ ??ي خاطري ڪرائي.
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais