مهمند – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف مهمند ڊيم کي ٻوڏ سبب نقصان جي جاچ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته منصوبي تي ڪم مقرر وقت ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي، نيلم جهلم ۾ به ??جه?? مهينا اڳ حادثو ٿي چڪو آهي، اڳتي ان جي روڪٿام ڪرڻي پوندي، اسان جي معيشت مهانگي بجلي پيدا ڪرڻ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، ٻارڻ جي درآمد تي ساليانو اربين ڊالر خرچ ڪري سبسڊي ڏيڻ سان ناڻي تي بار پوي ٿو، پا??ي، هوا ۽ سج جي روشني سان سستي بجلي پيدا ڪرڻي پوندي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزي??اع??م جو خاص معاون انجنيئر امير مقام ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو اڳواڻ مولانا عطا5 الرحمان پڻ موجود هئا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سومر ڏينهن هتي مهمند ڊيم منصوبي واري جڳهه جي دوري جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته مهمند ڊيم چيني ۽ پا??ستاني ڪمپنيون گڏجي تعم??ر ڪري رهيون آهن، انتهائي اهم منصوبو آهي، ان سان 800 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، آبپاشي جي لاءِ پا??ي دستياب ٿيندو ۽ ٻوڏ جي روڪٿام ۾ مدد ملندي، ٻوڏ سبب ڊيم جي بنيادي ڍانچي ۽ ٽنلز کي نقصان انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي جنهن جي جاچ ڪرائي وڃي ته ائين ڇو ٿيو آهي، موجوده دور ۾ ڊيمن جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، دنيا ۾ جتي به ڊيم تعم??ر ڪيا وڃن ٿا اتي حفاظتي انتظام به ڪيا وڃن ٿا، ??جه?? مهينا اڳ نيلم جهلم ۾ هڪ وڏو حادثو ٿيو، ان جي شفاف جاچ جو حڪم ڏنو هو، آزاداڻي ڪنسلٽنٽس کان ان جي جاچ ڪرائي ويندي ته جيئن اڳتي اهڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي. وزي??اع??م چيو ته پا??ستان درآمدي ٻارڻ تي اربين ڊالر ساليانو خرچ ڪري ٿو ۽ مهانگي بجلي پيدا ڪري صارفين کي سستي بجلي مهيا ڪرڻ سان ناڻي تي بار پوي ٿو، اسان کي هوا، سج جي روشني ۽ پن بجلي جي پيداوار وڌائڻي پوندي ڇو ته اهو اسان جو مستقبل آهي، بجلي جي پيداوار جو سستو ذريعو هائيڊل پاور آهي، اسان جي معيشت مهانگي بجلي پيدا ڪرڻ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي. وزي??اع??م چيو ته چيني ڪمپني ان منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ چين پا??ستان جو بهترين دوست آهي، منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو وڃي ۽ ان کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ گهرجي، هي منصوبو اسان جي معاشي ۽ قومي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تمام وڏي اهميت رکندڙ آهي، سستي بجلي سان ز??اع??، صنعتن ۽ عوام جون ضرورتون پوريون ٿين??يو?? ۽ معيشت کي استحڪام ملندو. ان کان اڳ واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني ۽ چيني تعميراتي ڪمپني جي نمائندن وزي??اع??م کي مهمند ڊيم منصوبي تي اڳڀرائي ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان بابت بريفنگ ڏني. وزي??اع??م کي ٻڌايو ويو ته هي منصوبو سوات درياءَ تي تعم??ر ڪيو پيو وڃي ۽ ان سان 800 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي ۽ 18 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين سيراب ٿيندي، ڊيم جي تعمير سان ٻوڏ جي روڪٿام ۾ مدد ملندي، ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان سان بحالي جو ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو جڏهن ته پا??ي وسيلن واري سيڪريٽري ڪاظم نياز نيلم جهلم هائيڊل پاور پراجيڪٽ ۾ پيش ايندڙ حادثي جي انٽرنيشنل ڪنسلٽنٽس کان شفاف جاچ ڪرائڻ بابت ٿيندڙ اڳڀرائي بابت وزي??اع??م کي آگاهه ڪيو. وزي??اع??م مهمند ڊيم جي سائيٽ جو پڻ معائنو ڪيو ۽ پا??ي وسيلن واري سيڪريٽري ۽ واپڊا چيئرمين کان تعميراتي ڪم بابت معلومات ورتي.
وزيراعظم پاران مهمند ڊيم کي ٻوڏ سبب نقصان جي جاچ جو حڪم، منصوبي تي ڪم مقرر وقت ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي، نيلم جهلم ۾ به ڪجهه مهينا اڳ حادثو ٿي چڪو آهي، اڳتي ان جي روڪٿام ڪرڻي پوندي، اسان جي معيشت مهانگي بجلي پيدا ڪرڻ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania