اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪيه جي اعليٰ سطحي وفد جي يڪجهتي جي اظهار لا??ِ پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري جي مضبوط رشتي جي عڪاسي ٿئي ٿي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ترڪيه جي صدر رجب ??يب ا??دو??ن جي هدايت تي پاڪستان جو دورو ڪندڙ ترڪيه جي اعليٰ سطحي وفد سان ساڻس ملاقات ٿي آهي جيڪو گهرو وزير سليمان سوئلو ۽ ماحوليات، شهري معاملن ۽ ماحولياتي تبديلي واري وزير مرات ڪورم جي قيادت هيٺ پاڪستان جي دوري تي آهي. هن چيو ته هي وفد اسان جي تاريخ جي مشڪل ترين گهڙيءَ ۾ يڪجهتي جي اظهار لا??ِ پاڪستان آيو آهي، ترڪيه جي مدد سان اسان کي وڏي طاقت ۽ ا??تماد حاصل ٿيو آهي، اسان رجب ??يب ا??دو??ن جا جيترا به ٿورا مڃون گهٽ آهن. هن چيو ته هن دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري جي مضبوط رشتي جي عڪاسي ٿئي ٿي.
ترڪيه جي اعليٰ سطحي وفد جي يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان جي دوري مضبوط رشتي جي عڪاسي ٿئي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ