اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي س??ڪر??ٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان بيجنگ ۾ چين جي پرڏيهي وزير ڪن گينگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي س??ڪر??ٽري ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ چين ڀائر ملڪ، قابل اعتماد دوست ۽ امن ۽ ترقي جي لاءِ پائيدار حصيدار آهن. پرڏيهي س??ڪر??ٽري سان ڳ??لهائيندي ڪن گينگ چين پاڪستان اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي لاءِ چين جي پڪي عزم ??ي ورجايو ۽ پاڪستان کي هر قسم جي تعاون جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. چين جي پرڏيهي وزير ڪن گينگ ۽ پرڏيهي س??ڪر??ٽري اسد مجيد خان اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي حالتن ۾ چين پاڪستان اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي اهميت ??ي ورجايو ۽ گڏيل لاڳاپن ۾ مستحڪم رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن نومبر 2022ع ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ي بيجنگ جي دوري دوران طئي ٿيندڙ اتفاق راءِ ??ي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن پاڪ چين اقتصادي لنگهه (??ي پيڪ)، واپار ۽ سيڙپڪاري، مالي تعاون، سماجي تعاون، اقتصادي ترقي، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن سميت متنوع ڊومينز ??ي وڌيڪ اڳتي وڌائي سگهجي.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي بيجنگ ۾ چين جي پرڏيهي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون