بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سياسي، اقتصادي، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ بيجنگ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ ٿيو. ان موقعي تي نگران وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن مضبوط ۽ پراڻي پاڪ چين لاڳاپن جو ذڪر ڪندي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سياسي، اقتصادي، تعليم جي شعبي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافتي ۽ عوام جي سطح تي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. نگران وزيراعظم چيني قيادت کي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) جي شاندار انعقاد تي مبارڪباد ڏني. بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جي صلاحيت جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته اهو منصوبو مواصلاتي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي ڪري پوري دنيا جي لاءِ اهميت رکي ٿو. ٻنهي اڳواڻن چين پا??ست??ن اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڏس ۾ پاڪ چين تعاون ۽ معاشي رابطن جي فروغ جي صلاحيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين پا??ست??ن اقتصادي لنگهه جي پا??ست??ن جي معيشت جي لاءِ اهميت جو ذڪر ڪندي چيو ته سي پيڪ پنهنجي تعمير جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ صنعتي ترقي، روزگار جي فراهمي جا منصوبا، معدنيات، آءِ ٽي ۽ زراعت جي ترقي شامل آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني ڪمپنين جي سيڙپڪاري سان پا??ست??ن جي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ صنعتي صلاحيت وڌندي. وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاڪ چين لاڳاپن جي فروغ ۽ چين پا??ست??ن اقتصادي لنگهه جي تعميراتي ۽ ترقي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ان اميد جو پڻ اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي هم آهنگي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندي. ٻئي وزيراعظم چين ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيا. انهن شعبن ۾ ڪامرس، مواصلات (ايم ايل ون)، غذائي تحفظ ۽ ??حق??ق، ميڊيا مٽاسٽا، خلائي تعاون، پائيدار شهري ترقي، صنعتي تعاون، ??فر??دي قوت جي صلاحيت ۾ اضافي، معدنيات جي ترقي، موسمياتي تبديلي ۽ ويڪسين ٺاهڻ جا شعبا شامل آهن.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاران ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada