اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر هڪ کي اظهار راءِ، شڪايت ۽ تنقيد جي آزادي حاصل آهي، آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن ڪميشن صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪندي. اها ڳالهه هن صحافين سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير 90 ڏينهن ۾ چونڊن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته آئين جي اندر 280 آرٽيڪل ??وج??د آهي، آئين ۾ رڳو 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو آرٽيڪل نه آهي، ان ۾ آرٽيڪل 254 به ??وج??د آهي، اُن کي به پڙهيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هر هڪ کي اظهار راءِ، شڪايت ۽ تنقيد ڪرڻ جي آزادي حاصل آهي، جيڪا آزادي پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ٻين پارٽين کي حاصل آهي اها مسلم ليگ (ن) کي به حاصل آهي، ان وٽ به شڪايت ڪرڻ جو اختيار ??وج??د آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن ڪميشن صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪندي ۽ اسان ان جي م??د ڪنداسين. هڪ سوال جي جوا?? ۾ ??طلاعات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي گڏيل عرب امارات جي دوري جي حوالي سان گذريل رات عوام کي وڊيو پيغام ذريعي آگاهه ڪيو، نگران وزيراعظم جي دوري دوران معاهدي ۽ مفاهمت جي ياداشتون طئي ٿينديون ته ان حوالي سان ميديا کي آگاهي ملي ويندي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان منهنجو احترام جو رشتو آهي، انهن جي بيانن تي تبصرو نٿو ڪري سگهان.
پاڪستان ۾ هر هڪ کي اظهار راءِ، شڪايت ۽ تنقيد جي آزادي حاصل آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores