اسلام آباد – 24 – جولائي (اي پي پي) دولت مشترڪه جي سيڪريٽ??ي جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ پاڪستان حڪومت جي دعوت تي 28 جول??ءِ کان 2 آگسٽ تائين پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دولت مشترڪه جي سيڪريٽ??ي جنرل پنهنجي 5 ڏينهن جي دوري دوران پاڪستان جي قيادت، ڪابينا جي ميمبرن، يوٿ ليڊرز، سول ??وس??ئٽي جي نمائندن ۽ ٻين ڌرين سان ملاقاتون ڪندي. بيان موجب دولت مشترڪه جي سيڪريٽ??ي جنرل جيڪا موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي حمايت ل??ءِ پرزور حمايتي رهي آهي، 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پاڪستان سان پنهنجي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي، ان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ملڪ جو ٽي ڀاڱي حصو ٻوڙي ڇڏيو هو جڏهن ته معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان پهتو هو. پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ جي ٻوڏ متاثر ٿيندڙ ڪجهه علائقن جي دو??ي جو پڻ امڪان آهي. دولت مشترڪه جي سيڪريٽ??ي جنرل جي دوري دوران ڌريون پاڪستان ۽ دولت مشترڪه جي وچ ۾ گڏيل مفاد جي ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪنديون جن ۾ پاڪستان جي قومي ترقياتي منصوبي جي حمايت، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ شامل آهي. دولت مشترڪه ۽ پاڪستان پاران 24 – 2023ع تي ”نوجوانن جو سال“ قرار ڏيڻ کانپوءِ دولت مشترڪه جي يوٿ منسٽرز ميٽنگ جي صدارت ڪندي دولت مشترڪه جي سيڪريٽ??ي جنرل وزيراعظم جي يوٿ پروگرام بابت تفصيلي بريفنگ وٺندي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان تنظيم جي باني ميمبرن مان هڪ جي طور تي دولت مشترڪه کي عالمي مسئلن ۽ چئيلنجز تي اتفاق ر??ءِ پيدا ڪرڻ ل??ءِ هڪ اهم فورم جي طور تي اهميت ڏي ٿو. دولت مشترڪه جي سيڪريٽ??ي جنرل جو دورو پاڪستان ۽ دولت مشترڪه جي وچ ۾ پراڻي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو.
دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل 28 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو ڪندي
مضمون کا ماخذ : números quina hoje