اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ٽانڪ ۾ ڪوٽ پٺاڻ جي علائقي ۾ پولي?? جي چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪي پي ڪي پوليس دهشتگردن خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي فائرنگ سبب شهيد ٿيل ٻن پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ??يو ۽ شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي زخمين جي جلدي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته خيبرپختونخوا پولي?? جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا. سڄي قوم انهن قربانين کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿي. هن چيو ته فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ سموري قوم متحد آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ