اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن، قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومت ڪفايت شعاري تي عمل ڪري رهي آهي، نادرا ۾ گذريل ٻن سالن ۾ ڪا به گاڏي خريد ناه?? ڪئي وئي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر دنيش ڪمار، سيد مسرور احسن جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چي?? ته حڪومت ڪفايت شعاري تي عمل ڪري رهي آهي، وز??ر پ??ها?? نه پيا وٺن، هو بجلي ۽ گئس جو بل قانون موجب ادا ڪن ٿا، سندن پ??ها??ون قانون موجب مقرر ڪيون ويون آهن، اسان پنهنجي حصي جون قربانيون ڏئي رهيا آهيون، هن ٻڌاي?? ته نادرا ۾ گذريل ٻن سالن ۾ ڪا به گاڏي خريد ناه?? ڪئي وئي، نادرا جون ڏورانهن وارن علائقن ۾ آفيسون آهن، معذور ماڻهن کي انهن جي گهر جا چائنٺ تي وڃي نادرا سهولتون فراهم ڪرڻ جا حامي آهيون.
مضمون کا ماخذ : کڑک