اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان هلندڙ سال دوران ڪشميري عوام جي لاءِ سمورن ٻطرفن ۽ علائقائي فورمز تي آواز اٿاريو، پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني ح??ن جي سنگين خلاف ورزين جي خاتمي، ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشمير ??ڪر??ر جي منصفاڻي ح?? جو مطالبو ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري پارٽين تي پابندي جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي جي مذمت ڪئي ۽ ڪشميري ڪارڪنن ۽ انساني ح??ن جي محافظن جي آزادي جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ??ڪر??ر کي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي فورمز تي اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته 15هين اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۽ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 50هين اجلاس ۾ ڪشمير ڪاز جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪندي ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪيون ويون. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي جي رابطا گروپ جا ٽي اجلاس هن سال مئي، آگسٽ ۽ سي??ٽم??ر ۾ ٿيا. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير ??ڪر??ر جي ح?? لاءِ هر ممڪن سياسي ۽ سفارتي ڪوششون جاري رکندو.
پاڪستان هلندڙ سال دوران ڪشميري عوام جي لاءِ سمورن ٻطرفن ۽ علائقائي فورمز تي آواز اٿاريو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں