ڪراچي-10 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت ملڪ جي معيشت کي اهڙا بنياد فراهم ڪري رهي آ??ي جنهن سان اي??دڙ 5 سالن دوران پاڪستان معاشي طور مستحڪم ملڪ بڻ??ي ويندو. 2018ع ۾ هڪ سازش تحت ملڪي معيشت جي ان سفر کي روڪيو ويو هو. موجوده حڪومت ??ي ڪوشش سان مهانگائيءَ جي شرح گهٽ ٿي آهي ۽ـ عوام کي رليف ملڻ شروع ٿي ويو آهي. اهڙو اظهار هن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ حاجي مظفر شجره جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) جو مرڪزي نائب صدر سيد شاهه محمد شاهه ۽ صوبائي صدر بشير ميمڻ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. وفاقي وزير چ??و ته دنيا ۾ اڄ مقابلو سائنس، ٽيڪنالاجي، پيداوايت ۽ وڌ کان وڌ مارڪيٽ شيئرز حاصل ڪرڻ جو آهي، جڏهن ته گارگند ڪرڻ هڪٻئي سان وڙه??دڙ قومون تمام پوئتي رهجي وينديون. وفاقي وزير چ??و ته اسان وقت ضايع نٿا ڪري سگهون، وزيراعظم محمد شهباز شريف اُڏام پاڪستان پروگرام جو اعلان ڪيو آ??ي جيڪو پاڪستان کي پائيدار ترقي ڏيارڻ جو منصوبو آ??ي جنهن تحت پاڪستان جي هر علائقي جي ترقيءَ لاءِ منصوبا شروع ڪنداسين ۽ جيڪي شعبا پاڪستاني حڪومتن وٽ آهن انهن ۾ صوبائي حڪومتن سان گڏجي پاڪستان جي صلاحيتن ۾ واڌ ڪنداسين. احسن اقبال چ??و ته اڄ دنيا ۾ هڪٻئي جي معيشت جو مقابلو آهي ته ڪهڙي ملڪ جي معيشت مضبوط آهي پر جنهن ملڪ ۾ ڏڦيڙ هجي ان ملڪ ۾ سيڙپڪار ڪيئن ايندا. هڪ سوال جي جواب ۾ احسن اقبال چ??و ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 1991ع ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جو تاريخي معاهدو ڪيو هو جنهن تحت سڀني صوبن کي پاڻي طئي ٿيل حصي تحت ملي رهيو آهي.
معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، ايندڙ 5 سالن ۾ پاڪستان معاشي طور مستحڪم ملڪ بڻجي ويندو: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش