ابوظهبي- 22 جون (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي الامارات ايئر لائين سعودي عرب لاءِ اضافي حج اڏامون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعودي خابرو اداري موجب هلندڙ هفتي جي پڄاڻي کانپوءِ حج سيزن جي آغاز سان گڏ ئي ڪم??ني اعلان ڪيو ته هو مڪي شريف ۽ جده لاءِ اڏامن جي تعداد ۾ اضافو ڪندي. ايئر لائين هڪ بيان ۾ چيو ته ان دوران مديني شريف لاءِ روزاني اڏامون هلايون وينديون. فضائي ڪم??ني جده لاءِ ??طرفي 10 اڏامن جو اضافو ڪيو آهي ۽ ان روٽ تي 7 جولاءِ تائين بوئنگ 777 جون اڏامون هلايون وينديون. جده لاءِ حج اڏامون الامارات ايئر لائين جي سعوي عرب لاءِ ??وجوده شيڊول موجب هلنديون، ان ۾ چيو ويو آهي ته اضافي اڏامون انهن مسافرن لاءِ آهن جن وٽ ڪارآمد حج ويزا آهي. انهن جي عمر 12 سال کان وڌيڪ هجي ۽ مسافرن ڪووڊ – 19 کان بچاءُ جي ويڪسين لڳرائي رکي هجي. الامارات پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، انڊونيشيا، ٿائيلينڊ، سيني گال، آئيوري ڪوسٽ، ماريشس ۽ ڏکڻ آفريقا کان سعودي عرب لاءِ حج اڏامون هلائي رهي آهي. دبئي کان ايندڙ حاجي سڳورن لاءِ ??وائي اڏي تي هڪ ٽيم چيڪ اِن جو انتظام ڪندي ۽ رسمي ڪارروائي ۾ مدد ڪندي. ايئر لائين جو چوڻ آهي ته دبئي کان گذرندڙ مسافر?? کي به انهن جي آمد جي دروازي کان روانگي جي دروازي تائين وٺي وڃبو ۽ حج ٽيم طرفان آمد جي سموري رسمي ڪارروائي مڪمل ڪئي ويندي. الامارات جو چون آهي ته سندس حج اڏامن ۾ سوار ٿيندڙ مسافر?? کي انهن جي عقيدي جي قدرن ۽ روايتن موجب وضو جي سهولت، بنا خوشبوءِ ??ارا توليا ۽ اضافي ڪمبل فراهم ڪيا ويندا ۽ جهازن جي الميقات زون ۾ داخل ٿيڻ جا اعلان ڪيا ويندا ته جيئن حاجي سڳورا حج احرام ٻڌي سگهن. مسافر 5 ليٽر تائين آب زم زم چيڪ ان ڪري سگه??دا?? جنهن جي باري ۾ چيو ويو آهي ته ا?? کي ڪارگو هولڊ ۾ خصوصي خانن ۾ رکيو ويندو، عيدالاضحيٰ جي 6 ڏينهن جي موڪلن دوران طلب کي پورو ڪرڻ لاءِ ??چ اوڀر جي مقبول ماڳن تي 34 اڏامن جو اضافو ڪيو ويو آهي. جي سي سي جي ملڪن ۾ فضائي ڪم??ني 21 کان 25 جون تائين الدمام لاءِ ??نج اڏامون ۽ 22 جون کان 2 جولاءِ تائين ڪويت لاءِ 9 اضافي اڏامون هلائيندي، ايئر لائين عيدالاضحيٰ جي جشن موجب کاڌي جا آپشنز به پيش ڪندي.
الامارات ايئر لائين پاران سعودي عرب لاءِ اضافي حج اڏامون هلائڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز