گڏيل قومو??-25 ??نوري (اي پي پي)پاڪستان ڀارت ۾ شهيد ٿيل بابري مسجد واري هنڌ تي رام مندر جي افتتاح جي مذمت ڪندي گڏيل قوم?? جي الائنس آف سويلائيزيشنز (يو اين اي او سي) جي اعليٰ عهديدار تي زور ڀريو آهي ته هو ڀارت ۾ اسلامي ملڪيتن ۽ ماڳ?? جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستا?? جي مستقل نمائندي منير اڪرم نيويارڪ ۾ گڏيل قوم?? جي هيڊڪوارٽر ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي سفير?? جي اجلاس ۾ چئي. پاڪستان مشن طرفان جاري پريس رليز موجب پاڪستاني نمائندي منير اڪرم او آءِ سي جي ساٿين سان هڪ خط شي??ر ڪيو جنهن ۾ هن يو اين اي او سي جي اعليٰ نمائندي ميگوئل اينجل موراٽينوس کي مخاطب ٿيندي چيو ته ايوڌيا ۾ ٿيل واقعي ڀارت ۾ هندو مذهبي اڪثريت جي ٻين سان اڻبرابري واري سلوڪ ۾ پريشان ڪندڙ اضافي جي نشاندهي ڪئي آهي. هن يو اين اي او سي جي سربراهه کي پنهنجي خط ۾ چيو ته گذريل 31 سالن ۾ ٿيل اڳڀرائي، جيڪا تازي تقريب ۾ پڄاڻي تي پهتي، ڀارت ۾ هندو اڪثريت پسندي ۾ پريشان ڪندڙ اضافي طرف اشارو آهي. هي رجحان ڀارتي مسلمان?? جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي ڀلائي سان گڏوگڏ خطي ۾ هم آهنگي ۽ امن لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. هن او اءِ سي جي سفيرن سا?? جيڪو خط شي??ر ڪيو ان ۾ اهو به چيو ته افسوس سان هي ڪو ڌار واقعو نه آهي، ڇاڪاڻ ته وانسي جي گيان نواپي مسجد ۽ مٿرا جي شاهي عيدگاهه مسجد سميت ٻين مسجدن کي به اهڙي طرح بي حرمتي ۽ شهيد ڪرڻ جا خطرا درپيش آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته هو ڀارت ۾ مذهبي ماڳ?? جي تحفظ لاءِ اوها?? جي فوري مداخلت لاءِ لکي رهيو آهي، اوها?? جي قيادت تحت گڏيل قوم?? جي الائنس آف سويلائيزيشن (يو اين اي او سي) کي اسلامي ثقافتي ماڳ?? جي حفاظت ۽ ڀارت ۾ مذهبي ۽ ثقافتي اقليت?? جي حق?? جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل اوهان کي مذهبي ماڳ?? جي تحفظ لاءِ ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرڻ جي ذميواري سونپي آهي. اسان اوهان کي درخواست ڪريون ٿا ته ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ ڪوششون تيز ڪريو ۽ ڀارت ۾ مذهبي ماڳ?? جي تحفظ کي يقيني بڻايو. او آءِ سي جي سفيرن ان مسئلي جي اهميت کي تسليم ڪيو، ڪجهه سفيرن، ڪجهه يورپي ملڪن ۾ مسجدن تي حملن جو ذڪر ڪيو، گڏيل قومن ۾ فلسطي?? جي مستقل نمائندي رياض منصور اسرائيل طرفان مسجد الاقصيٰ جي بي حرمتي ۽ والاريل علائقن ۾ مسجدن ۽ گرجاگهر?? جي بي حرمتي طرف ڌيان ڇڪرايو. اجلاس ۾ ان معاملي کي او آءِ سي جي ايندڙ سفير?? جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
پاڪستان گڏيل قومن جي الائنس آف سويلائيزيشن کي خط ۾ رام مندر جو معاملو اٿاري ڇڏيو: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada