گڏيل قومون -06 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ وچ اوڀر ۾ فوري طور تي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪيو آ??ي. غزه ۾ اسرائيلي جنگ دوران هاڻوڪن خطرناڪ حملن بعد ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آ??ي ۽ غزه ۾ اسرائيلي جنگ 10هين مهيني ۾ داخل ٿيڻ واري آهي. هن گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته هو وچ اوڀر ۾ وڏي تڪرار جي وڌندڙ خطري کان تمام گهڻو پريشان آهيون ۽ سمورين ڌرين سان گڏوگڏ اثر رسوخ رکندڙ رياستن کي به درخواست ڪجي ٿي ته اه?? فوري طور تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ قدم کڻن، جيڪا انتهائي خطرناڪ صورتحال بڻجي چڪي آهي. وولڪر ترڪ نوٽ ڪيو ته غزه ۾ گذريل 10 مهينن دوران عام شهرين جنهن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آ??ي، بمن ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ ناقابل برداشت ڏکن ۽ تڪليفن کي برداشت ڪيو آ??ي. هن چيو ته ان صورتحال کان بچڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ گهرجي جنهن سان عام شهرين لاءِ ان کان به وڌيڪ خوفناڪ نتيجا هو??دا. ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوت??يش سان گڏجي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪيو آ??ي، ڇاڪاڻ ته حملن بعد ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي.
سموريون ڌريون ۽ بااثر رياستون وچ اوڀر ۾ فوري طور تي ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ قدم کڻن:وولڪر ترڪ
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج