تهران -21 آڪٽوبر (ايپي يپ ) ايران ان ڳالهه جو ارادو ظاهر ڪيو آهي ته هو پنهنجي ايٽمي ٺڪاڻن تي ڪنهن به اسرائيلي حملي ج?? سخت جواب ڏيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي بيان ۾ چئي. هن چيو ته اسرائيل جيڪڏه?? ايران تي حملو ڪيو ته جوابي ڪارروائي لاءِ اسان به دشمن جي علائقن جي نشاندهي ڪري ويٺا آهيون. سندس چوڻ آهي ته ايران تي ڪنهن به قسم جي حملي ج?? مطلب انتهائي حد پ??ر ڪرڻ آهي. حملو ٿيو ته اسان خاموش نه رهنداسين اسرائيل کي تباهه ڪندڙ جواب ڏينداسين. پرڏيهي وزير چيو ته سندس ملڪ اسرائيل ۾ اقتصادي يا شهري ٺڪاڻن تي حملو ناهي ڪيو پر رڳو فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. هن چيو ته جنگ جي صورت ۾ آمريڪا به لپيٽ ۾ ايندو اسان اهو نٿا چاهيون پر آمريڪا کي پاڻ کي ج??گ کان پري رکڻو پوندو.
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا