بيجنگ-30 آڪٽوبر (اي پي پي) چين 30 آڪٽوبر تي انسان بردا?? خلائي مشن کي پنهنجي خلائي اسٽيشن ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽن چيني خل??با??ن جن ۾ هڪ عورت به شامل آهي، کي گذريل ڏينهن صبح جو تيانگونگ خلائي اسٽيشن لاءِ روانو ڪيو ويو. سرڪاري خابرو ايجنسي ۽ سرڪاري نشرياتي اداري مطابق شينزو-19 خلائي اسٽيشن لاءِ روانو ڪيو ويو. هن چيو ته مدار ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ انسان بردا?? خلائي مشن 6.5 ڪلاڪن ۾ خلائي اسٽيشن کي ڪور ماڊيول تيان سان ڳنڍجي ويندو. چائنا مينڊ اسپيس ايجنسي موجب شينزو 19 جي عملي ۾ 34 سالن جي وانگ هاز به شامل آهي جيڪا چين جي واحد عورت خلائي انجنيئر آهي هوءَ عملي جي مشن ۾ حصو وٺندڙ ٽين چيني عورت آهي. سي سي ٽي وي ٻڌايو ته خلائي عملي جي مشن ۾ چنڊ جي مٽي مان سرون تيار ڪرڻ جو تجربو به شامل هوندو، خلا ۾ مواد جي چر پر تي وڌيڪ لاڳت سب?? چيني سائنسدانن کي اميد آهي ته هو چنڊ جي مٽي کي مستقبل ۾ بيس (اڏي) جي تعمير لاءِ استعمال ڪري سگهندا. تيانگونگ جنهن جو بنياد ماڊيول 2021ع ۾ شروع ڪيو ويو هو، اٽڪل 10 سال تائين استعمال ڪرڻ جو منصوبو آهي. ياد رهي ته شينزو 19 چين جي انسان بردا?? خلائي پروگرام جو 33هون فلائيٽ مشن آهي.
چين پاران انسان بردار خلائي مشن پنهنجي خلائي اسٽيشن ڏانهن روانو
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن