بيجنگ- 10 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين کي اميد آهي ته آمريڪا ٻه طرفي لاڳاپن کي مستحڪم، صحتمند ۽ پائيدار جي طرف وڌائڻ لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن بيجنگ ۾ وڏي عالمي اقتصادي تنظيمن جي سربراهن سان ملاقات د??ران چيو ته واپاري جنگين ?? سائنس – ٽيڪنالوجي جي جنگيون تاريخ جي رجحان ۽ معاشيات جي قانون خ??اف آهن ۽ انهن جنگين جي ڪا فتح ناهي هوندي. هن وڌيڪ چيو ته چين آمريڪي حڪومت سان گڏ ڳالهين کي برقرار رکڻ، سهڪار وڌائڻ ۽ اختلافن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته چين کي هلندڙ سال جي اقتصادي ترقي جي هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ مڪمل اعتماد آهي ۽ هو عالمي اقتصادي ترقي جي سڀ ??ان وڏي انجڻ طورتي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن