ڪراچي – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته امجد صابري امن ۽ محبت جو جيڪو ڏيئو روشن ڪيو ان کي وسامڻ نه ڏي??دا??ين. هن اها ڳالهه وزيراعظم محمد نواز شريف جي هدايت تي ناليواري سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي جي عيادت ۽ بعد ۾ شهيد امجد صابري جي گهرڀاتين سان فاتحه خواني کانپوءِ ??حا??ين سان ڳالهائيندي چئي. امجد صابري شهيد جي رهائشگاهه ٻاهران ??حا??ين سان ڳالهائيندي سينيٽر پرويز رشيد چيو ته هو وزيراعظم محمد نواز شريف پاران امجد صابري جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪرڻ آيو آهي. وفاقي وزير چيو ته امجد صابري پيار ۽ محبت جو آواز هو ۽ سندس شهادت شر جي قوتن پاران خير جي قوت تي حملو آهي. هن چيو ته جتي هر پاڪستاني امجد صابري جي شهادت سبب ڏک ۾ ورتل آهي، انهن اهو عزم به ڪيو آهي ته منفي قوتن جي ا??ادن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
امن جي ڏيئي کي وسامڻ نه ڏينداسين: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج