اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) ??زي??اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اين آر او جو سهارو چور وٺندا آهن، اسان ڪو ڌاڙو ناهي هنيو، مسلم ليگ (ن) حڪومتي نظام وڏي صاف ۽ شفاف انداز ۾ هلايو آهي اسان کي ڪنهن اين آر او جي ڪا ضرورت نه آهي، گاريون ڏيندڙن سان ڪهڙيون سياسي ڳالهيون ڪي??ن وڃن؟ انهن سان ڳالهيون ايندڙ چونڊن جي موقعي تي ئي ٿينديون. هن اهڙن خيالن جو اظهار پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ??زي??اعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ??زي??اعظم شاهد خاقان عباسي پي آر اي جي آجيان ڪندي چيو ته اخبا??ن ۾ شايع ٿيندڙ پارليامينٽ جي ڊائري اڃا به اسان جي تڪن ۾ وڏو اثر رکي ٿي ۽ وڏي دلچسپي سان پڙهي وڃي ٿي. سياسي ڳاله ٻولهه ۽ ڳالهين جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪي ماڻهو پارليامينٽ تي لعنت وجهي رهيا آهن انهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪي??ن وڃن؟ هر سياسي پارٽي پنهنجي طور تي ان ڳالهه لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ته اها ڪهڙي طرح ايندڙ چونڊن ۾ عوام کي پنهنجي طرف راغب ڪري سگهي.
مسلم ليگ (ن) حڪومتي نظام شفاف انداز ۾ هلايو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش