اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خميس ڏينهن م??ائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، هن پاڪستان جي ??وا?? ۽ پنهنجي پاران م??اتير محمد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته هو هڪ مدبر ۽ اعليٰ اڳواڻ آهي، وزيراعظم آفيس مان جاري بيان م??جب وزيراعظم عمران خان م??ائيشيا جي وزيراعظم کي عام چونڊن ۾ ”پاڪا تن هراپن“ جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني، هن م??ائيشيا جي مستحڪم اقتصادي ترقي جي لاءِ وزيراعظم مهاتير محمد جي ويزن جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم مهاتير محمد به وزيراعظم عمران خان جي لاءِ اهڙن جذبن جو اظهار ڪندي پاڪستان جي تازين چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ ان??اف جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني، وزيراعظم عمران خان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ۽ هڪٻئي جي مهارت?? مان فائدي لاءِ عملي سطح تي حصيداري جي ضرورت تي زور ڏنو، وزيراعظم ملائيشيا جي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، جيڪا هن قبول ڪري ورتي، وزيراعظم مهاتير محمد به وزيراعظم عمران خان کي ملائيشيا جي جلد دوري جي دعوت ڏني ۽ هن به اها دعوت قبول ڪري ورتي.
وزيراعظم عمران خان جو ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن