اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلا??ن دوران 31 هزار 681 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 63 هزار 504 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلا??ن دوران ڪورونا وائرس کي منهن ڏيندڙ 153 ماڻهو فوت ٿي ويا، 26 فيبروري تي ڪوورنا وائرس جي پهرين ڪيس کانپوءِ اهي هيستائ??ن جي هڪ ڏينهن ۾ ٿيندڙ سڀ کان وڌيڪ فوت??يو?? آهن. گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريضن وينٽي ليٽر تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر 549 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪل ايڪٽو ڪيسن جو انگ 1 لک 4 هزار 780 آهي جنهن ۾ گذريل 24 ڪلا??ن دوران 6604 ماڻهن جو اضافو ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 1 لک 71 هزار 666 آهي جن ۾ آزاد ڪشمير ۾ 803، بلوچستان ۾ 9 هزار 162، گلگت بلتستان ۾ 1 هزار 253، اسلام آباد ۾ 10 هزار 279، خيبرپختونخواهه ۾ 20 هزار 790، پنجاب ۾ 64 هزار 216 ۽ سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 65 هزار 163 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 3382 آهي جن مان سنڌ ۾ 1 هز??ر 13، پنجاب ۾ 1 هزار 347، خيبرپختونخواهه ۾ 789، اسلام آباد ۾ 95، بلوچستان ۾ 100، گلگت بلتستان ۾ 21 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 17 فوت??يو?? ٿيون.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ڪورونا وبا جي تازي اپ ڊيٽ جاري
مضمون کا ماخذ : رومن دولت