اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري چڪي آهي، هاڻي ڪجهه سياسي يتيم لاشن تي سياست ڪري ??هيا آهن، مخالف ڌر هڪ دردناڪ واقعي کي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري ??هي آهي، وزيراعظم عمران خان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي حڪم ج??ري ڪيا آهن ??ه هو واقعي جي ذميدارن جو پتو لڳائين ۽ انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ??يو. هن چيو ته مخالف ڌر مڇ واقعي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ??هي آهي، پوري قوم ڄاڻي ٿي ته مسلم ليگ (ن) جا سياسي يتيم ڪنهن ??ي لاءِ اتي ويا آهن،عوام پي ڊي ايم ۽ ان جي بياني کي رد ڪري چڪي آهي، اهي ماڻهو لاشن تي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري ??هيا آهن، هن چيو ته ان کان اڳ بلوچستان ۾ 7 فوجي اهلڪار شهيد ٿيا، ان تي مخالف ڌر اڳواڻن ??ا ڳالهه ناهي ڪئي، ماڊل ٽائون واقعي ۾ مريم نواز جو چاچو ملوث هو، ان وقت سندس والد نواز شريف ملڪ جو وزيراعظم هو پر ماڊل ٽائون جي واقعي دوران کيس متاثرين جي ياد نه آئي، هاڻي اهي پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ هزاره برادري ??ان همدردي جو اظهار ۽ انهن ??ي لاشن تي سياست ڪري ??هيا آهن.
پي ڊي ايم جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري چڪي آهي، هاڻي ڪجهه سياسي يتيم لاشن تي سياست ڪري رهيا آهن: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II