اسلام آباد – 08 م??رچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آ??ي ته اڄوڪو ڏينهن معاشري ۾ عورتن جي بلند مقام ۽ مختلف شعبن ۾ انهن جي واکاڻ جوڳين خدمتن جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو، دين اسلام عورتن کي بي مثال حق ڏنا آهن، پاڪستان جو آئين عورتن جي حقن جو ضامن آهي. عورتن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ عورتن روشن ڪر??ار ادا ڪيو آ??ي، معاشري کي مهذب ۽ روشن خيال بڻائڻ لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لازمي آهي. هن چيو ته عورتن کي ترقي جي برابر موقعن ۽ حقن جي يقيني فراهمي سان معاشري ۾ طاقتور ۽ محفوظ بڻائڻ اسان جو پختو ??زم آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو