اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اٽي، کنڊ جهڙين بنيادي شين جي م??اسب قيمت تي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، مستحق ۽ غريب ماڻهن کي سڌوسنئون سبسڊي ڏ??ڻ جي لاءِ پروگرام جوڙيو پيو وڃي، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته اٽي جهڙي بنيادي خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو نه ٿئي، ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ح??ال?? سان ماضي مان سبق سکندي اڳواٽ انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي، کاڄرو تيل، پيٽروليم مصنوعات ۽ ٻين شين تي لاڳو هر ٽيڪس جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن جيستائين ممڪن ٿي سگهي ٽيڪسن جي بار ۾ گهٽتائي آڻي عوام کي ريليف ڏنو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ضرورت جي شين جي قيمتن جي ح??ال?? سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن مخدوم خسرو بختيار، ڊاڪٽر عبدالح??يظ شيخ، محمد حماد اظهر، سيد فخر امام، اسد عمر، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص معاونين نديم بابر، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، پنجاب جي خوراڪ واري وزير عبدالعليم خان ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي ناڻي واري وزير مخدوم هاشم جوان بخت ۽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي م??ڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار، کپت ۽ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ح??ال?? سان حڪمت عملي ۽ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ جي ح??ال?? سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر ملڪ ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ قيمتن جي ح??ال?? سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم جي هدايتن موجب کاڄرو تيل، پيٽروليم مصنوعات ۽ گئس جي قيمتن ۾ ممڪن حد تائين گهٽتائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف تجويزن تي پڻ غور ڪيو ويو. چيف سيڪريٽرين صوبن ۾ ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ خاص طور تي رمضان مهيني ۾ عوام کي رمضان بازارن ۽ ٻين انتظامن ذريعي سستي اٽي جي فراهمي جي ح??ال?? سان انتظامن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اٽي، کنڊ جهڙين بنيادي شين جي م??اسب قيمت تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته بنيادي ضرورت جي شين جي ڏس ۾ مستحق ۽ غريب ماڻهن کي سڌوسنئون سبسڊي ڏ??ڻ جي ح??ال?? سان پروگرام جوڙيو پيو وڃي جنهن سان نه رڳو حڪومت پاران فراهم ڪيل سبسڊي سڌوسنئون مستحق ماڻهن کي م??ندي پر سبسڊي جي نظام کي شفاف ۽ موثر بڻائي سگهبو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته اٽي جهڙي بنيادي خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو نه ٿئي. ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ح??ال?? سان ماضي مان سبق سکندي اڳواٽ انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي.
کنڊ جهڙين بنيادي شين جي مناسب قيمت تي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا