اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رحمت للعالمين اٿارٽي بابت قدمن کي جلد عملي جامعو پارائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مديني جي رياست اصول پسندي ۽ اخلاقيات جو عملي نمونو هئي ۽ ميثاق مدينه انساني ح??ن جو محافظ هو?? اسلامي معاشرو پنهنجي دور جو سڀ کان جدت پسند معاشرو هو. اه??ن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ رحمت للعالمين اٿارٽي جي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ و??اقي وزيرن پير نورالحق قادري، شفقت محمود، پروفيسر ڊاڪٽر اعجاز اڪرم، ڊاڪٽر خالد مسعود ۽ شهزاد نواز شرڪت ڪئي جڏهن ته ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. زويراعظم چيو ته صوفين سيرت جي روشني ۾ مقامي ماڻهن کي انهن جي زبان ۾ دين جي تعليم فراهم ڪئي، مذهبي تهوارن کي ڪردارسازي جو ذريعو بڻائڻ تي زور ڏنو ??ين??و، يونيورسٽين ۾ تحقيق ۽ غور فڪر سان سيرت جي اهم رخن کي اجاگر ڪيو ??ين??و. هن چيو ته پاڪستان جو هر شهري عاشق رسول ﷺ آهي، عشق رسول جو سڀ کان وڏو ثبوت نبي ﷺ جي سيرت تي عمل ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي اٿارٽي قائم ڪرڻ تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، اٿارٽي جي لاءِ ٺوس ميڊيا پلان ايندڙ هفتي پيش ڪيو ??ين??و. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته جديد طريقيڪار سان نوجوانن ۽ ٻارن جي سيرت طيبه ﷺ جي روشني ۾ ڪردارسازي تي ڌيان ڏنو ??ين??و، عالمي سطح تي سيرت جي ح??الي سان شعور اجاگر ڪرڻ ۽ اسلامو فوبيا جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ سفارشن کي آن بورڊ ورتو ??ين??و. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽيز ۽ اسڪولز جي نصاب ۾ پڻ سيرت طيبه جي روشني ۾ اخلاقيات جي تدريسي شامل ڪئي ??ين??ي?? اسلام ۽ سائنس ۾ هم آهنگي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ تحقيق ۽ قدم پڻ اٿارٽي جي مقصدن ۾ شامل آهن. وزيراعظم اٿارٽي بابت سمورن قدمن کي جلد عملي جامعو پارائڻ جي هدايت ڪئي.
رحمت للعالمين اٿارٽي بابت قدمن کي جلد عملي جامعو پارايو وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا