اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي مريءَ ۾ سخت برفباري سبب قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ??هي. جاري بيان ۾ هن چيو ته ان قدرتي آفت جي ڪري ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن جيڪي انتهائي افسوسناڪ آهن. سينيٽ چيئرم??ن عملدارن تي زور ڏنو ته اهي رستن جي فوري صفائي ۽ ڦاٿل خاندانن کي ڪڍن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته ??ن آفت جي متاثرين کي هر ممڪن ريليف ۽ مدد فراهم ڪئي وڃي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين محمد مرزا آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني پڻ افسوسناڪ ??اق??ي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ??هي.
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری