اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيرا??ظم شهباز شريف ڪوٽ لکپت جيل لاهور جو دورو ڪيو ۽ سڄي پاڪستان ۾ قيدين جي سزا ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيرا??ظم گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو جيڪا جيلن ۾ قيدين جي سهولت ۽ مجموعي نظام جي بهتري لا??ِ ٺوس ??ڪم?? عملي جوڙيندي. هن چيو ته ان ڪميٽي ۾ چئني صوبن جي نمائندي ڪندي آفيسر شامل هوندا. وزيرا??ظم شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته جيڪي قيدي پنهنجي سزا مڪمل ڪري وٺن انهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائڻ ۾ هر ممڪن سرپرستي حڪومت جي فرضن ۾ شامل آهي. هن چيو ته وزيرا??ظم ڪوٽ لکپت جيل عملدارن کي خصوصي هدايت ڪئي ته قيدين جي سهولت لا??ِ دستياب ذريعن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي ته جيئن قيدين جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. ان ڏس ۾ وزيرا??ظم قيدين جي کاڌي پيتي ۽ صحت جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وڌيڪ اهو ته وزيرا??ظم قيدين جي هنرسازي جي لا??ِ پڻ دستياب ذريعن کي موثر طور تي استعمال ۾ آڻڻ ??ي خصوصي هدايت ڪئي ته جيئن قيدي پنهنجي سزا جو وقت مثبت انداز ۾ پورو ڪري سگهن ۽ پنهنجو پاڻ کي سزا کانپوءِ معاشري ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لا??ِ ڀرپور طريقي سان تيار ڪري سگهن. پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وزيرا??ظم شهباز شريف جوهر ٽائون ۾ قائم رمضان بازار جو اوچتو دورو ڪيو ۽ عوام کي رمضان مهيني ۾ کاڌي پيتي جي شين جي گهٽ قيمتن تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي خصوصي هدايت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف ڪوٽ لکپت جيل لاهور جو دورو ڪيو ۽ سڄي پاڪستان ۾ قيدين جي سزا ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری