اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي( منصوبابن??ي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ۽ اين ايف آر سي سي جي سربراهه پروفيسر احسن اقبال هدايت ڪئي آهي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جتي سياري جي موسم اچي چڪي آهي، اتي ??تاثر ماڻهن لاءِ گرم ڪپڙن ۽ بسترن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. ا??ا هدايت هن اين ايف آر سي سي ۾ پنهنجي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڏني. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي عملدارن بريفنگ ڏن??. ا??لاس ۾ وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جتي ??وسم سيءُ واري ٿي وئي آهي اتي ??تاثر ماڻهن لاءِ گرم ڪپڙن ۽ بسترن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن ٻوڏ سبب متاثر آبادگارن کي بنا وياج جي قرض ڏيڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن هو پنهنجا فصل ٻيهر تيار ڪري سگهن. وفاقي وزير فصلن جي پوکي لاءِ مشينري جي خريداري لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي جلد لائحه عمل تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئ??. ا??لاس ۾ خوراڪ واري وزارت کي ان حوالي سان جلد بريفنگ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ متاثر ماڻهن لاءِ گرم ڪپڙن ۽ بسترن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa