اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بنگلاديش سان معيشت، ثقافت ۽ واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??نهي ملڪن جي وچ ۾ واپار وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بنگلاديش ۾ پاڪستان جي نامزد ه??ءِ ڪمشنر س??د احمد معروف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته بنگلاديش ۾ نامزد ه??ءِ ڪمشنر ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر چيو ته ??عيشت، ثقافت ۽ واپار جي شعبن ۾ بنگلاديش سان تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، ٻئي ملڪ گڏيل مذهب ۽ تاريخ رکندڙ آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سيد احمد معروف کي بنگلاديش ۾ بطور پاڪستاني هاءِ ڪمشنر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نامزد ه??ءِ ڪمشنر جي لاءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
بنگلاديش سان معيشت، ثقافت ۽ واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر