اسلام آباد-01 نومبر (اي پي پي)وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي ??نڌي سان پاڪستان ۾ جمهوريه ترڪيه جي سفير مهمت پچاچي جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ اختياراتي وفد سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وفاقي وزير مدد علي ??نڌي وفد جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جو ثقافتي، لساني ۽ عوام وچ ?? هڪٻئي سان محبت جو رشتو آهي، هن ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، هن ٻنهي ملڪن وچ ?? پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي تسليم ڪيو ۽ ان جي واکاڻ ڪئي.مدد علي ??نڌي استادن ۽ شاگردن جي مٽاسٽا جي آجيان ڪئي ۽ خاص طور تي هنرمند پيشيوراڻي تربيت لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي. وفاقي وزير چيو ته قائداعظم يونيورسٽي ۽ ٻين يونيورسٽين جي پروفيسرن کي گڏيل دلچسپي جي موضوعن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ ريسرچ فيلوشپ جي آڇ ڪنديون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ?? تعاون جا نمايان امڪان موجود آهن، ترڪيه جي سفير وفاقي وزير کي پراڻي مذهبي ۽ ثقافتي مينيو اسڪرٽپس جي بحالي ۽ تحفظ جي باري ۾ ٻڌايو. مدد علي ??نڌي ان منصوبي کي ساراهيندي چيو ته سندس وزارت ان منصوبي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، هن ان سلسلي ۾ سنڌي لينگوئيج اٿارٽي ??ي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته TIKA کي ان سلسلي ۾ پنهنجي دائري ڪار کي وڌائڻ لاءِ صوبائي تنظيمن سان به تعاون ڪرڻ گهرجي. اين ايس يو ۾ سينٽر آف هاسپيٽيلٽي ??ي تعمير به ٿيندي جنهن کي ترڪيه ۾ ڪووڊ ۽ زلزلي ??بب روڪيو ويو هو.
نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان ترڪيه جي سفير جي سربراهي ۾ وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز