اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ تڪبير ڏهاڙي جي 26 هين سالگرهه تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته تڪبير ڏهاڙو تاريخ جو سنهري ۽ يادگار ڏينهن آهي، ان ڏينهن پاڪستان اعلان ڪيو ته ان کي ڪي?? به غلام نه ٿو بڻائي سگهي، 28 مئي جي موقع?? تي 9 مئي وارن هڪ نئين سازش ڪئي، هي 1971ع جي ت??ريخ کي مسخ ڪري ملڪ جي سالميت تي حملو ڪرڻ تي لهي آيا آهن، انهن جي سازش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. تڪبير ڏهاڙي جي موقع?? تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 26 سال اڳ پاڪستان مسلمان دنيا جي پهرين جڏهن ته دنيا جي ستين ائٽمي طاقت بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، ان ڏينهن پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو ٿي ويو، تڪبير ڏهاڙو تاريخ جو سنهري ۽ يادگار ڏينهن آهي، ان ڏينهن پاڪستان اعلان ڪيو ته ان کي ڪي?? به غلام نه ٿو بڻائي سگهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف دنيا تي ثابت ڪيو ته اسان کي نه خريد ڪري سگهجي ٿو، نه جهُڪائي سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ائٽمي پروگرام کي ٺاهڻ، پروان چاڙهڻ ۽ ان جو عملي اظهار ڪرڻ و??رو هر شخص قوم جو هيرو آهي جنهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي ان وچن کي ورجايون ٿا ته پاڪستان جي آزادي، خودمختياري ۽ قومي مفادن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو. اڄ جي ڏينهن اسان ائٽمي پروگرام جي معمار مرحوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان، سندس ٽيم ۽ سمورن سائنسدانن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته 28 مئي جي موقع?? تي 9 مئي وارن هڪ نئين سازش ڪئي آهي جيڪا ڪامياب نه ٿيندي، هي 1971ع جي ت??ريخ کي مسخ ڪري ملڪ جي سالميت تي حملو ڪرڻ تي لهي آيا آهن. اقتدار کان دوري انهن جا هوش اڏائي ڇڏيا آهن جو ملڪ کي نقصان پهچائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته انشاءَ الله ??تح پاڪستان ۽ 28 مئي وارن جي ٿيندي.
تڪبير ڏهاڙو تاريخ جو سنهري ۽ يادگار ڏينهن آهي، ان ڏينهن پاڪستان اعلان ڪيو ته ان کي ڪير به غلام نه ٿو بڻائي سگهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی