ملتان-30 سيپٽمبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڏکڻ پن??اب ۾ ترقياتي رٿائن جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ۽ انهن کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن سرڪٽ هائوس ۾ پن??اب جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري فواد هاشم رباني سان ملاقات دوران ڪئي. قومي اسيمبليءَ جو ميمبر علي موسيٰ ??يلاني ۽ اڳوڻو ايم پي اي سيد مجتبيٰ ??يلاني به ان موقعي تي موجود هئا. چيف سيڪريٽري ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين کي ڏکڻ پن??اب ۾ ج??ري رٿائن جي ب??ري ۾ بريفنگ ڏني. سيد يوسف رضا گيلاني ان موقعي تي چيو ته ڏکڻ پن??اب ۾ ترقياتي رٿائن جي شفافيت تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ملتان ۾ جن سرڪ??ري ادارن جي آفيسرن جون بدليون ٿيون اتي مستقل آفيسر مقرر ڪر?? لاءِ پن??اب حڪومت کي سفارشون موڪليون وڃن. مزارن جي سيڪيورٽي جا به انتظام ڪيا وڃن ۽ قلعه ڪهنه قاسم باغ ۽ ڀرپاسي ۾ حددخلين جو خاتمو ڪيو وڃي. سينيٽ چيئرمين ٻُڌايو ته سندس سفارش تي اٽلي جي حڪومت تاريخي قلعي کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ ۽ محفوظ بنائ?? لاءِ 10 ملين ڊالرن جا فنڊز فراهم ڪيا هئا پر اهي فنڊ به مڪمل طور تي خرچ نه ٿي سگهيا جنهن تي ڪم تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ڏکڻ پنجاب ۾ ترقياتي رٿائن جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي: سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا