اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيٽا جو پائدار سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار آهي. آءِ ٽي ذريعي آبي وسيلن، ڪلائيمنٽ پيٽرن ۽ زرعي ضرورتن جي باري ۾ صحيح ۽ حقيقت تي ٻَڌل ڊيٽا حاصل ٿئي ٿي. هوءَ ڪالهه هتي ”بدلجندڙ آبهوا ۾ بهتر پاڻي ۽ فوڊ سيڪيورٽي لاءِ جامع پاليسي سڌارن“ جي موضوع تي پارلياماني ڊائلاگ سيشن کي خطاب ڪري ??هي هئي. هن چيو ته اڄ ٽيڪنالاجي استعمال سان پاڻيءَ جو من??سب استعمال يقيني بڻايو پيو وڃي، زرعي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي. مملڪتي وزير چيو ته ڊيٽا جو پاليسي سازيءَ ۾ اهم ڪردار آهي. آءِ ٽي و??ار??، آءِ ٽي کي هٿي ڏيڻ ۽ بهتر پبلڪ سروسز ڊليوري لاءِ ڊيٽا کي پهچ جوڳو بنائڻ لاءِ قدم کڻي ??هي آهي. پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تيزي سان ترقي ملڪ جي معاشي ترقيءَ ۾ ان جي اهم ڪرار جي نشاندهي ڪري ٿي، آءِ ٽي و??ار?? جدت، ڊجيٽل من??قلي ۽ اقتصادي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. آءِ ٽي شعبي جي روانگي واپار ۾ واڌ ٿي ??هي آهي.
آءِ ٽي ۽ ڊيٽا جو پائيدار اقتصادي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار آهي، آءِ ٽي وزارت ڊجيٽل منتقلي لاءِ پُرعزم آهي: شزه فاطمه خواجه
مضمون کا ماخذ : quina acumulada