اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گور??ر فيصل ڪريم ڪنڊي برٽش ڪائونسل پاڪستا?? جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جيمز هيمپسن ۽ هيڊ آف ايجوڪيشن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ تع??يم ۽ مهارت?? جي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪالهه هتي جاري بيان موجب ان موقعي تي گورنر چيو ته تعليمي معيار کي بلند ڪرڻ، نوجوانن ۽ عورتن کي تربيتي پروگرامن ذريعي بااختيار بڻائڻ ۽ ڪي پي ڪي جي تعليمي ادارن ۽ انگلينڊ جي تعليمي ادارن وچ ۾ حص??داري کي هٿي ڏيڻ سندن ترجيحن ۾ شامل آهي. انهن حص??دارن جو مق??د شاگردن ۽ استاد?? جي مٽاسٽا ذريعي عالمي مهارتن کي ڪي پي ڪي جي تعليمي ادارن تائين آڻڻ آهي. ڳالهين دوران گورنر پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي جي ڪي پي ڪي چيپٽر جي حوالي سان پنهنجي ويزن تي به ڳالهه ڪئي، ا?? جي خدمتن ۾ نواڻ ۽ واڌ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن ڪي پي ڪي جي تعليمي ادار?? جي شاگردن خاص ڪري نوجوان عورتن ۾ آرٽس ۽ ڊزائ?? جي بي پناهه صلاحيتن کي اجاگر ڪيو ۽ ٻُڌايو ته ان منصوبي لاءِ برٽش ڪائونسل سان ڀائيواريءَ جي باضابطه تجويز موڪلي وئي آهي. جيمز هيمپسن آءِ ايم سائنسز يونيورسٽي پشاور ۾ هڪ جديد هنرمند مرڪز جي برٽش ڪائونسل جي منصوبا بندي جي باري م ٻُڌايو ۽ گورنر کي جنوري 2025ع ۾ ان مرڪز جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. برٽش ڪائونسل جي ٽيم گورنر کي ”گول“ پروگرام بابت به آگاهه ڪيو، جنهن جو مق??د پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ضلعن ۾ 2 لک 50 هزار غير تع??يم يافته ڇوڪري?? جي داخلا آهي. ملاقات دوران فني ۽ پيشيوراڻي تع??يم ۽ تربيت ۽ سڄي ملڪ ۾ جاري اعليٰ تعليمي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ڪي پي ڪي جي گورنر پاران برٽش ڪائونسل پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال