گڏيل قومون-21 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو آهي ته انسانيت فوسل فيول جي استعمال تي ڀاڙي جهنم جا دروازا کولي ڇڏيا آهن. سعودي خابرو اداري موجب هن گذريل ڏينهن ڪلائم??ٽ ايمبيشن سمٽ جي شروعات ڪندي چيو ته وڌندڙ غير معمولي موسمي حالتن ۽ عالمي گرمي پد باوجود گرين هائوس گئسن جي ??خر??ج ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ تيل ۽ گئس ڪمپنيون شاندار منافعو ڪمائينديون آهن. هن چيو ته ڪلائم??ٽ ايمبيشن سمٽ ڪو معمولي فورم ناهي، ان ۾ رهنما يا ڪابينا جا وزير مخصوص قدمن جو اعلان ڪندا جيڪي پئرس جي معاهدي تحت ان جي واعدن کي پورو ڪن ٿا. هن هلندڙ سال گرمي پد ۾ خوفناڪ حد تائين اضافي ۽ ٻيلن ۾ باهه لڳڻ ج?? تاريخي واقعن جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مستقبل اوهان جهڙن اڳواڻن کي لکڻو آهي. هن چيو ته هاڻي به عالمي گرمي پد کي 1.5 ڊگر?? تائين محدود ڪري سگهون ٿا، اسان هاڻي به صاف هوا ۽ سڀني لاءِ سستي ماحول دوست توانائي جي دنيا بڻائي سگهون ٿا، هن چيو ته عالمي گرمي پد کي 1.5 ڊگر?? تائين محدود ڪري ماحولياتي تبديلي جي ڊگهي مدي واري تباهي آڻيندڙ اثرن کان بچي سگهجي ٿو.
انسانيت فوسل فيول جي استعمال تي ڀاڙي جهنم جا دروازا کولي ڇڏيا آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔