رياض – 18 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب چيو آه?? ته غزه تي اسرائيلي حملا بند ڪرائڻ جي ڪوشش ۽ اسرائيلي بمباري سبب متاثر فلسطينين جا مسئلا گهٽائڻ لاءِ امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. ايس پي اي مطابق سعودي عرب رياض ۾ اسلامي عرب سربراهه ڪانفرنس منعقد ڪري اسرائيلي جاحيت بند ڪرائڻ، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ ۽ غزه متاثرن لاءِ فوري انساني امداد جي فراهمي جي اجازت جي حوالي سان ٺهرائون منظور ڪرايون آه??. سعودي عرب غزه پٽي ۾ چر پر ڪندڙ ماڻهن جي مسئلن جو بار گهٽائڻ لاءِ کاڌي پيتي جون شيون، دوائون ۽ خيما هوائي ۽ سامونڊي جهازن ذريعي مسلسل موڪلي رهيو آه??. غزه جي 85 سيڪڙو آبادي لڏپلاڻ تي مجبور آه??. اونروز جي رپورٽ مطابق اٽڪل 20 لک فلسطيني بي گهر ٿي ويا. سعودي عرب فلسطيني حڪومت جي سهڪار سان انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانوني ۽ سياسي قدم کڻي رهيو آه??. عوامي امدادي مهم تحت هن وقت تائين 617 ملين ريال کان وڌيڪ جمع ٿي چڪا آه??. ٻئي پاسي فلسطيني متاثرن لاءِ عطيا ڏيندڙن جو انگ 15 لک کان وڌي ويو آه??. سعودي عرب 38 جهازن ۽ 5 سامونڊي جهازن ذريعي امدادي سامان ۽ 20 ايمبولينسون موڪليون آه??. سامونڊي ۽ هوائي رستن مان موڪليل امدادي سامان جو مجموعي وزن 5112 ٽن تائين پهچي چڪو آه??. شاه سلمان مرڪز غزه متاثرن جي مدد لاءِ 150 ملين ريال جي خرچ سان صحت جي عالمي اداري، ريڊ ڪراس، اونروا ۽ خوراڪ جي عالمي اداري سان گڏيل سهڪار جا چار معاهدا ڪيا آه??.
غزه ۾ متاثرن لاءِ سعودي امداد جو سلسلو جاري
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات