نيويارڪ -20 مارچ (اي پي پي)پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي، ته هو پنهنجي ٺهرائن خاص طور تي پراڻن تڪرارن جي ٺهرائن تي عملدرآمد جي طريقن تي سنجيدگي سان غور ڪري، پاڪستان ان ڳالهه تي زور ڀريو ته 15 رڪني اداري کي وڌندڙ چئلينجن جو جواب ڏيڻ ??اء?? وڌيڪ شفاف، جوابده، جامع ۽ جمهوري بڻ??ڻ گهرجي. سلامتي ڪائونسل جي نئين سر تنظيم سازي ??اء?? ڊگهي عرصي جي جاري ڳالهين کي ٻيهر شروع ٿيڻ تي سفير منير اڪرم نمائندن کي ٻڌايو ته ڪا به شئي ڪائونسل جي ساک جي چونڊ لاڳو ڪرڻ ۽ ان جي ٺهرائن تي عمل نه ڪرڻ کي وڌيڪ مجروح ناهي ڪندي، ٺهرائن تي عملدرآمد ۾ ناڪامي سلامتي ڪائونسل جي ساک کي مجروح ڪندي آهي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ذريعي فرض ڪيل ذميوارين کي پورو ڪرڻ جي انهي جي اهليت تي اع??ماد کي ختم ڪري ٿي. پنهنجي رمارڪس ۾ پاڪستان جي سفير سلامتي ڪائونسل جي ڪم ڪرڻ جي طريقن م شفافيت، احتساب ۽ شموليت کي هٿي ڏيڻ ??اء?? پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ بامعنيٰ سڌارا حاصل ڪرڻ ??اء?? اجتماعي ڪوششن تي زور ڀريو. ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڏيندي ته گڏيل قومن جي چارٽر سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي ٻنهي کان الڳ الڳ پر تڪميلي ڪردار وڏي اهميت رکي ٿو. هن چيو ته اسان سڀني کي سلامتي ڪائونسل طرفان جنرل اسيمبلي کي فعال ۽ اختيارن تي مسلسل تجويزون، خاص طور تي قانوني معيار قائم ڪرڻ ۽ جنرل اسيمبلي جي دائريڪار ۾ آيل مختلف مسئلن ??اء?? تعريفن جي تعين جي حوالي سان سنجيدگي سان ڳڻتي هئڻ گهرجي. گڏيل قومن جي سڌاراتي عمل جي هڪ حصي طور تي ڪائونسل کي وسعت ڏيڻ هڪ عام معاهدي باوجود ميمبر ملڪ تفصيلن تي ورهايل آهن. چار نام نهاد ميمبر ملڪن جو گروپ جنهن ۾ ڀارت، برازيل، جرمني ۽ جاپان شامل آهن اهي ڪائونسل ۾ پنهنجي ??اء?? م??تق?? سيٽون گهرن ٿا،ڪائونسل کي 10 سيٽن تائين وڌائڻ ??اء?? پنهنجي دٻاءَ ۾ ڪا به لچڪ ناهي ڏيکاري، جنهن ۾ 6 اضافي م??تق?? ۽ 4 غير م??تق?? ميمبرن جو مطالبو شامل آهي جڏهن ته ٻئي پاسي اٽليءَ پاڪستان جي قيادت ۾ اتفاق راءِ وارو اتحاد (يو ايف سي) گروپ آهي، جيڪو اضافي م??تق?? ميمبرن جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو. ميمبرن جي هڪ نئين ڪيٽيگري تجويز ڪئي وئي آهي ته وڌيڪ م??تق?? ميمبرن بجاءِ سلامتي ڪائونسل جي ڊگهي مدي وارا غير م??تق?? ميمبر هجن جن جي ٻيهر چونڊ ممڪن هجي. پنهنجي مباحثي ۾ منير اڪرم طرفان بيان ڪيل اهم نقطن ۾ م??تق?? ميمبرن جي غير ضروري اثر رسوخ کي روڪڻ سان گڏوگڏ ڪائونسل جي جوابدهي ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ ??اء?? کليل اجلاسن ۾ گڏيل ڳالهين جي ضرورت، مڪمل شفافيت، بشمول جنرل اسيمبلي جي رپورٽنگ جي معيار ۽ انگ کي وڌائڻ ۽ عوامي گڏجاڻيون ۽ بحث مباحثا منعقد ڪرڻ ، مباحثن ۾ شموليت، غير ڪائونسل م??مبرن جي انهن درخواستن تي خودڪار شرڪت جي اجازت ڏيڻ، (پين هولڊر) ڪائونسل جي ٺهرائن جي مسودن تي ڳالهيون ڪرڻ ۽ اهو مسودو تيار ڪندڙ ميمبرن جي نظام جو خاتمو يا اصلاح، ذيلي ادارن جي چيئرز جي مقرري ??اء?? جمهوري عمل، ڪائونسل جي دهشتگردي جي خاتمي بابت لاڳو ڪرڻ ۾ وڌيڪ شفافيت ۽ اڻبرابري جو سلوڪ نه ڪرڻ سان گڏوگڏ مناسب عمل ۽ موثر روڪٿام کي يقيني بڻائڻ ??اء?? انهن جي اصلاح ڪرڻ شامل آهي.
سلامتي ڪائونسل پراڻن تڪرارن تي پنهنجن ٺهرائن تي عملدرآمد جي طريقن تي سنجيدگي سان غور ڪري: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2