ڪولمبو – 23 ف??بروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنهنجي سريلنڪن هم منصب مهندا راجا پاڪسي جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي دوري تي سريلنڪا پهچي ويو آهي. سريلنڪا جي و??يراعظم مهندا راجا پاڪسي ايئرپورٽ تي و??يراعظم جو شاندار استقبال ڪيو، ٻارن وزيراعظم کي گلدستا پيش ڪيا، وزيراعظم عمران خان جي اعزاز ۾ سريلنڪا جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا ۽ توپن جي سلامي ڏني و??ي. ??زيراعظم گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو، ان کانپوءِ سريلنڪا جي و??يراعظم، وزيراعظم عمران خان جو سريلنڪن ڪابينا ۽ وزيراعظم عمران خان سريلنڪا جي و??يراعظم کي پنهنجي وفد جي ميمبرن سان تعارف ڪرايو. پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي، وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار سيد ذوالفقار عباس بخاري به دوري دوران وزيراعظم سان گڏ آهن. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان جو سريلنڪا جو اهو پهريون دورو آهي.
وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي سريلنڪا پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی