اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) ماحوليات جي شعبي ۾ حڪومتي ڪوششن جي اع??راف ۾ پاڪستان گڏيل قومن جي ماحوليات بابت پروگرام (يو اين اي پي) جي سهڪار سان ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي 2021ع جي ميزباني ڪندو. ماحوليات جو عالمي ڏهاڙو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ 5 جون تي ملهايو ويندو. پاڪستان کي ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي تقريبن جي ميزباني جو اهو اع??از وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت طرفان قدرتي ماحول جي ??حا??ي ۽ تحفظ ۽ مسئلن جي حل لاءِ قدرتي طريقن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ڪوششن جو عالمي سطح تي اع??راف آهي. وزيراعظم عمران خان جي حياتياتي تنوع جي ڪنووينشن ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ قائداڻي خطاب ۽ سندس قيادت ۾ صاف ۽ سرسبز پاڪستان پروگرام، 10 بلين ٽري سونامي پراجيڪٽ ۽ جهنگلي حيات لاءِ محفوظ علائقن کي ??رو?? ڏيڻ جهڙي قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ ??حا??ي جي ??نص??بن جي صورت ۾ پاڪستان جي عالمي اڳواڻ جي حيثيت سان ڪردار کي تسليم ڪندي يو اين اي پي ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني جي آڇ ڪئي هئي. هن سال ماحوليات جو عالمي ڏهاڙو ”ايڪو سسٽم جي ??حا??ي“ جي عنوان سان ملهائيندي قدرت سان پنهنجي تعلق کي نئين سر قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويندو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي ايڪو سسٽم جي ??حا??ي جي ڏهاڪي 2021ع کان 2030ع جو به باضابطه افتتاح ڪيو ويندو. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني سان پاڪستان جو دنيا ۾ مثبت تشخص اڀرندو جڏهن ته موسمياتي تبديلين ۽ ماحوليات جي تحفظ ۽ ??رو?? جي حوالي سان قومي عزم، پروگرامن، ??نص??بن ۽ ڪاميابين کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جو موقعو به ميسر ايندو. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان سرگرمين جو اهتمام موسمياتي تبديلي واري وزارت ڪندي. ان ڏينهن جي مناسبت سان اعليٰ سطح جي تقريبن جو انعقاد ڪيو ويندو جنهن ۾ صدر، وزيراعظم، عالمي اڳواڻن ۽ ٻاهرين نمائندن جي شرڪت جو امڪان آهي، جرمن واچ موجب پاڪستان گذريل 20 سالن جي دوران موسمياتي تبديلين جا اثر سڀ کان وڌيڪ متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن جي ڪري 2010ع کانپوءِ مسلسل ٻوڏن، ٿرپارڪر ۽ چولستان ۾ شديد ڏڪار، ملڪ جي ڏاکڻي حصي ۾ شديد گرمي جي لهر، طوفان، سامونڊي طوفان، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ملڪ جي اترين علائقن ۾ گليشيئرز جي پگهرجڻ سان ٺهندڙ ڍنڍن جي ٽٽڻ جي ڪري ٻوڏ جهڙين ڪيفتين جا خطرا درپيش رهيا آهن.
پاڪستان حڪومتي ڪوششن جي اعتراف ۾ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪندو
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس