اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت اقليتن جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اقليتن کي تعليم ۽ سرڪا??ي نوڪريون حاصل ڪرڻ جي لاءِ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي، بين ??لمذاهب هم اهنگي جي فروغ لاءِ مڪالمي جي روايت عام ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? چيلا رام ڪيولاڻي ج?? قيادت ۾ قومي اقليتي ڪميشن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد، جي پال ڇابڙيه، مفتي گلزار نعيمي، ويشنو راجا، ڊاڪٽر ساره صفدر ۽ قومي اقليتي ڪميشن جا ٻيا ميمبر شامل هئا. صدر چيو ته حڪومت اقليتن جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. حڪومت اقليتن جي عبادتگاهن جي حفاظت ۽ سارسنڀال جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت اقليتن جي لاءِ سرڪا??ي نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا مخصوص ڪئي. اقليتن کي تعليم ۽ سرڪا??ي نوڪريون حاصل ڪرڻ جي لاءِ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. اقليتي اڳواڻ پنهنجي ڪميونٽي ۾ نوجوانن کي تعليم ۽ سرڪا??ي نوڪريون حاصل ڪرڻ تي راغب ڪن. صدر چيو ته پاڪستان جو آئين ??قليتن کي برابري جا حق فراهم ڪري ٿو. رياست اقليتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ملڪي ترقي جي لاءِ هڪ ٺوس ۽ برابري تي ٻڌل معاشري جي جوڙجڪ لازمي آهي. هن چيو ته حڪومت اقليتي برادري جي شاگردن کي تعليم وظيفا ۽ مالي امداد فراهم ڪري رهي آهي. ڪا??ياب جوان پروگرام تحت اقليتي برادري جا نوجوان ۽ عورتون ڪاروبار جي لاءِ قرض حاصل ڪري سگهن ٿا. بين ??لمذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ مڪالمي جي روايت عام ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اميد آهي ته قومي اقليتي ڪميشن بين ??لمذاهب هم آهنگي ۽ امن جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وفد صدر کي اقليتن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. صدر وفد کي مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وفد اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪوششن ۽ ذاتي دلچسپي تي صدر جي ڪردار کي ساراهيو.
حڪومت اقليتن جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب