اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اربع تي صحافين جي تحفظ ۽ آزاداڻي صحافت جو فروغ رکندڙ جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پر??فيشنلز پر??ٽيڪشن ايڪٽ 2021ع تي صحيح ڪري ڇڏي، ايڪٽ تي صحيح جي تقريب ايوان صدر ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب وزيراعظم جو سياسي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن، صحافتي تنظيمن جي عهديدارن ۽ صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي 8 نومبر2021ع ۽ سينيٽ 19 نومبر 2021ع تي صحافين ۽ ميڊيا پر??فيشنلز جي تحفظ ( ايڪٽ) بل 2021ع جي منظوري ڏني هئي. ان ايڪٽ تحت صحافين ۽ ميڊيا پر??فيشنلز کي حق رازداري حاصل ٿي ويو آهي، کين پيشيوراڻي ذميدارين جي آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي انجام ڏيڻ ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو حق حاصل ٿيو آهي، کين نجي زندگي، گهر ۽ ذاتي خط ۽ ڪتابت (اليڪٽرانڪ ڳالهه ٻولهه سميت) جي پرائيويسي، پنهنجي خبر جي ذري??ن کي ڳجهو رکڻ جو حق ۽ ڪنهن به فرد يا اداري پاران ڏاڍ، تشدد، خوف ۽ هراس، داٻن، ڌمڪي ۽ جبري گمشدگي جي خلاف تحفظ حاصل ٿي ويو آهي. کين خبر جو ذريعو ٻڌائڻ لاءِ مجبور نه ڪري سگهبو، ان بل تحت دهشتگردي جي خاتمي ۽ قومي سلامتي جي قانونن جي ميڊيا پر??فيشنلز جي پيشيوراڻي سرگرمين کي روڪڻ جي خلاف ناحق استعمال جي روڪٿام ڪئي ويندي. ميڊيا مالڪ صحافين ۽ ميڊيا پر??فيشنلز کي مقرر ڪيل معيارن تحت ??ائيف اينڊ هيلٿ انشورنس فراهم ڪندا. ميڊيا مالڪ صحافين کي وقت سر پگهار ڏيڻ جا پابند هوندا. بل موجب صحافين ۽ ميڊيا پر??فيشنلز جي تحفظ، شڪايتن جي آزاداڻي جاچ ۽ فوري ازالي لاءِ آزاد ڪميشن قائم ڪيو ويندو، ڪميشن ۾ پاڪستان بار ڪائونسل، پي ايف يو جي، نيشنل پر??س ڪلب، پي آر اي، انساني حقن واري وزارت، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا نمائندا شامل هوندا. وفاقي حڪومت ڪميشن جي چيئرپرسن جو ٻن سالن لاءِ مقرر ڪندي، ڪميشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي عورت ميمبر شامل هونديون. بل تحت آئين جي آرٽيڪل 9 موجب صحافين ۽ ميڊيا پر??فيشنلز جي زندگي ۽ سيڪيورٽي جي حق کي يقيني بڻايو ويندو، ڪو به ماڻهو، ادارو اهڙو قدم نه کڻي سگهندو جنهن سان ڪنهن صحافي ۽ ميڊيا پر??فيشنلز جي زندگي جي حق ۽ حفاظت جي خلاف ورزي ٿئي. حڪومت صحافين ۽ ميڊيا پر??فيشنلز جي جبري يا رضاڪاراڻي گمشدگي، اغوا يا کڻي وڃڻ جي خلاف تحفظ ڏيندي، هو بنا خوف ۽ خطري جي پنهنجو ڪم ڪري سگهندا، ان ڳالهه کي يقيني بنايو ويندو ته انهن جي رازداري واري حق کي ڪو به ماڻهو، آفيسر، ايجنسي يا ادارو پائمال نه ڪري. صحافين ۽ ميڊيا پر??فيشنلز جو اظهار راءِ جو حق، لاڳو قانونن موجب هوندو، بل تحت ??وميت، نسلي، مذهبي منافرت کي هوا ڏيندڙ ۽ امتياز، دهشت يا تشدد کي ڀڙڪائيندڙ مواد تي پابندي هوندي، نسلي، لساني، ثقافتي يا صنفي نفرت پکريندڙ مواد جي تخليق تي به پابندي هوندي، بل تحت صحافين ۽ ميڊيا پر??فيشنلز لاءِ اها ڳالهه لازمي قرار ڏني وئي ته اهڙي مواد جي ڇپائي نه ڪئي ويندي جنهن جي غلط يا ڪوڙو هجڻ جو ان کي پتو هجي، جيڪو ايئن ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندو ان جي خلاف ڪيس هلايو ويندو. سرڪاري ملازم يا اداري جي طرفان صحافين ۽ ميڊيا پر??فيشنلز تي تشدد، نازيبا زبان جي استعمال جي صورت ۾ متاثر ان جي خلاف 14 ڏينهن اندر ڪميشن جي سامهون شڪايت ??اخ?? ڪرائي سگهندا. وفاقي محتسب يا لاڳاپيل ادارو 14 ڏينهن اندر هراسگي جي خلاف جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جي قدم کڻندو، صحافي جي شڪايت تي ڪميشن مشاورتي ڪميٽي قائم ڪندي جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويندو ته شڪايت کي ٻڌڻ گهرجي يا نه، ڪميشن ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته صحافين ۽ ميڊيا پر??فيشنلز جي شڪايت تي قانوني ڪارروائي ٿئي، صحافين ۽ ميڊيا پر??فيشنلز کي ڌمڪي، تشدد، جبر جي حوالي سان ڪنهن کي به قانوني ڪارروائي کان ڇوٽ ??اصل نه هوندي، متاثر صحافين ۽ ميڊيا پر??فيشنلز کي قانوني مدد به فراهم ڪئي ويندي، بل تحت ڪميشن صحافين ۽ ميڊيا پر??فيشنلز جي شڪايت تي حڪومت، ڳجهي اداري يا اٿارٽي کان معلومات حاصل ڪندو، انهن کان رپورٽ، دستاويزن، ڊيٽا ثبوت طلب ڪندو، لاڳاپيل حڪومت، ايجنسي يا ادارو 14 ڏينهن ۾ جاچ ۽ ڪارروائي ڪندو، ڪميشن وٽ ??قريبن سول ڪورٽ جهڙا اختيار هوندا، ڏوهه ڪميشن جي حدن کان ٻاهر ٿيو ته معاملي کي ميجسٽريٽ ڏانهن موڪليو ويندو، ڪميشن جي سامهون ٻڌڻي عدالتي ٻڌڻي تصور ٿيندي، سٺي نيت سان کنيل قدمن تي ڪميشن ۽ آفيسرن کي ڇوٽ ??اصل هوندي، ميڊيا پر??فيشنلز جي خلاف ڌمڪي آميز، جابراڻي ۽ متشدد ڪاررواين کي فوري ۽ موثر جاچ ۽ قانوني ڪارروائي کان حاصل نه هوندي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز پروٽيڪشن ايڪٽ 2021ع تي صحيح ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن