اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد نائب وزيرا??ظم ۽ دفاع واري وزير شهزاده محمد بن سلمان ??ن عبدالعزيز السعود وزيرا??ظم شهباز شريف کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس وزيرا??ظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيرا??ظم مبارڪباد تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا ?? ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سعودي عرب سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان ??ن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي مثالي قيادت ۾ سعودي عرب جي بي مثال ترقي تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو. گذريل 7 ڏهاڪن دوران ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن ۽ تاريخي رابطن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو ذڪر ڪندي وزيرا??ظم محمد شهباز شريف انهن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ پنهن??ي حڪومت ۽ پنهنجي عزم کي ورجايو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ٻطرفن ۽ عالمي فورمن تي سعودي عرب جي تاريخي ۽ مسلسل حمايت ۽ تعاون تي ٿورا مڃيا ۽ سعودي ولي عهد کي يقين ڏياريو ته پاڪستان هر قسم جي حالتن ۾ سعودي عرب سان گڏ بيٺل هوندو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سعودي ولي عهد وزيرا??ظم محمد شهباز شريف کي سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏني. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پڻ ولي عهد لي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني.
سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي وزيراعظم شهباز شريف کي ٽيليفون، وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون