اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سامونڊي سياحت ۽ بليو اڪانامي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪس??ان جي سمنڊ، جذيرن ۽ سامونڊي ماڳن کي عالمي معيار موجب ترقي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته فري سروس جي ذريعي سامونڊي چرپر سان سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي مناسب ۽ سستي سفري سهولتون ملنديون. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪس??ان بوٽ ريلي اينڊ فشنگ ٽورنامينٽ جي سي اي او احمد مامور اميني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي عالمي رابطن واري وزارت جو سيڪريٽري احمد حنيف اورڪزئي، ميري ٽائيم افيئرز واري وزارت، پاڪس??ان اسپورٽس ب??رڊ ۽ پاڪس??ان ٽوئرازم ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جا نمائندا موجود هئا. صدر چيو ته فيري سروس سان پاڪستاني سامان جي ٻين حصن تي چرپر جو هڪ عمل جوڳو وسيلو ميسر ٿيندو. فيري سروس سان بندرگاهن ۽ سياحتي ماڳن جي ترقي کانسواءِ سياحت کي به فروغ ملندو. صدر چيو ته پاڪس??ان جي سامونڊي پٽيءَ کي ان جي ڀرپور صلاحيتن موجب ترقي ڏيڻ گهرجي. سامونڊي علائقي جي ترقي سان سامونڊي علائقن ۾ م??اش?? سرگرمين کي فروغ ۽ مقامي آبادي کي روزگار ملندو. صدر چيو ته س??مونڊي علائقي جي ترقي سان پاڪس??ان جي منفرد جيو اڪنامڪ جاگرافيائي بيهڪ کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر سامونڊي سف?? جي فروغ لاءِ ضروري بنيادي ڍانچي جي تعمي?? جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته س??مونڊي سف?? جي فروغ لاءِ سڀني ڌرين جي مشاورت سان سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. لاڳاپيل ادارا هڪ ٻئي سان ويجهي هم آهنگي سان ڪم ڪن. هن چيو ته باقاعده، رسمي ۽ قانوني سامونڊي سفر کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سڀني لاڳاپيل ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪس??ان عالمي سامونڊي راندين جو مقابلو منعقد ڪرڻ ڪافي آمدني ڪمائي سگهي ٿو. بوٽ ريلي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سڀئي ڌريون گڏجي ڪم ڪن. صدر کي ان موقعي تي پاڪس??ان ۾ سامونڊي سياحت جي امڪانن بابت بريفنگ به ڏني وئي. صدر کي پاڪس??ان ۾ بليو ٽوئرازم جي امڪانن ۽ پاڪس??ان جي سافٽ اميج کي بلند ڪرڻ ۾ پاڪس??ان بوٽ ريلي ۽ فشنگ ٽورنامينٽ جي ڪردار بابت ٻڌايو ويو. گذريل سال پاڪس??ان بوٽ ريلي ڪراچي کان گوادر تائين 9 بيڙين تي پنج ڏينهن ۽ چار راتين سان 650 ڪلوميٽر جو سفر ڪيو جنهن کي دنيا جي سڀ کان ڊگهي بوٽ ريلي جو نالو ڏنو ويو. پاڪس??ان بوٽ ريلي هڪ عالمي ايونٽ ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن ۾ ڀرپاسي جي ملڪن جا ٻيڙي هلائيندڙ به شرڪت ڪندا.
سامونڊي سياحت ۽ بليو اڪانامي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي سمنڊ، جذيرن ۽ سامونڊي ماڳن کي عالمي معيار موجب ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا