اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع جي ڪامياب شاگردن ۽ انهن جي والدين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته دنيا فلم کي سياحت جي فروغ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، فلم جي ذريعي اسان پنهنجي ثقافت کي فروغ ڏئي سگهون ٿا، پاڪستان 1971ع ۾ دنيا جو چوٿون وڏو فلم پروڊيوسر ملڪ هو، ??اڪست??ني فلم انڊسٽري خاموش ٿي ته اسان جي ثقافت ۽ زبان به خاموش ٿي وئي، 2011ع ۾ فلم انڊسٽري ۾ ٻيهر بحالي جو عمل شروع ٿيو، ??اڪستان جي پهرين نيشنل فلم اينڊ ڪلچر پاليسي 2017ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف شروع ڪئي، حڪومت 2022ع جي بجيٽ ۾ فلم انڊسٽري تي ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيا آهن، يونيورسٽين ۾ فلم سازي جي ??وا??ي سان ن??اب به شروع ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع جي ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو خاص وزيراعظم محمد شهباز شريف هو جڏهن ته ڊي پي ورلڊ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان احمد بن سلائم، وفاقي وزير، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت ناليوارا اداڪار ۽ شاگرد جا والدين پڻ تقريب ۾ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته نيشنل اميچور فلم فيسٽيول پاڪستان جي نيشنل فلم اينڊ ڪچرل پاليسي جي ڪڙي آهي. هن چي?? ته پاڪستان جي پهرين نيشنل فلم اينڊ ڪلچرل پاليسي جي شروعات اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف 2017ع ۾ ڪئي هئي، ان پاليسي تحت فريم ورڪ تيار ڪيو ويو هو پر ان تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو جنهن جي ڪري ان پاليسي تحت فراهم ڪيل فائدا فلم ميڪرز، پروڊيوسرز ۽ اداڪارن کي نه ملي سگهيا. هن چي?? ته فلم سازي ۽ فلم پروڊڪشن کي رڳو تفريح جي ڏس ۾ نه پر اسڪرين ٽوئرازم، بي??ني سازي، تهذيب ۽ ثقافت جي زبان جي طور تي ڏٺو وڃي ٿو. هن چي?? ته اسان فلم ذريعي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪري سگهون ٿا. هن چي?? ته وزيراعظم شهباز شريف فلم انڊسٽري جي ترقي ۾ خاص دلچسپي رکي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته 1948ع ۾ پاڪستان جي پهرين فلم جي شروعات ٿي ته ان وقت لاهور فلم پروڊڪشن جو مرڪز هو. پهرين فلم تيري ياد سان فلم پروڊڪشن جي شروعات ٿي. پاڪستان جي فلم انڊسٽري لالي ووڊ جي نالي سان مشهور ٿي، ان وقت پاڪستان جو بيانيو به تمام بهتر هو. هن چي?? ته اسان پنهنجي ثقافت جي ذريعي دنيا سان ڳنڍيل هئاسين، 1971ع ۾ پاڪستان دنيا جو چوٿون وڏو فلم پروڊيوسر ملڪ هو، ??اڪستان جي اندر فلم جي ڊيمانڊ هئي، پاڪستان جا ماڻهو پنهنجي ثقافت اسڪرين تي ڏسڻ پسندا ڪندا هئا جڏهن ته ڪيترائي اداڪار پاڪستان جي سڃاڻپ هئا. هن چي?? ته ان دور کانپوءِ 25 کان 30 سالن جو عرصو پاڪستان فلم انڊسٽري جي لاءِ تمام مشڪل گذريو، اسڪرين تي اسان جو اميج به ڪمزور ٿي چڪو هو، ??اڪست??ني فلم انڊسٽري جي خاموشي سان گڏ اسان جي ثقافت ۽ زبان به خاموش ٿي وئي هئي. هن چي?? ته 2011ع ۾ فلم انڊسٽري ٻيهر بحال ٿيڻ شروع ٿي، ان وقت اسان جي نوجوان ن??ل ۽ نئين پروڊيوسرز ان ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. هن چي?? ته سڄي دنيا ۾ فلم اهو ذريعو آهي جنهن کي ملڪن پنهنجي بيانيي جي جوڙجڪ جي لاءِ استعمال ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته سوشل ميڊيا ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي انقلاب سان گڏوگڏ شارٽ فلم جي اهميت به وڌي رهي آهي. هن چي?? ته تازي ٻوڏ دوران شارٽ فلم جي ڪري قومي ۽ عالمي سطح تي ٻوڏ سٽيلن جي ??وا??ي سان ڪافي موبلائيزيشن ٿي، اها ئي شارٽ فلم جي طاقت آهي. هن چي?? ته جڏهن پاڪستان جي پهرين فلم اينڊ ڪلچرل پاليسي جي شروعات ٿي ته وزيراعظم شهباز شريف ان وقت پنجاب جو وڏو وزير هو، 18 هين ترميم کانپوءِ فلم جيئن ته صوبائي سبجيڪٽ هو، ان وقت پنجاب ۾ سئنيما گهرن تي اينٽرٽينمينٽ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي. هن چي?? ته شهباز شريف کي فلم انڊسٽري جو احساس هو، ??ن سئنيما گهرن تي انٽرٽينمينٽ ڊيوٽي ختم ڪري ڇڏي هئي، فلم فنانس فنڊ پڻ قائم ڪيو ويو جيڪو بعد ۾ ختم ڪيو ويو. هن چي?? ته 2022ع جي بجيٽ ۾ اسان پهرين نيشنل فلم اينڊ ڪلچرل پاليسي تي عملدرآمد جي شروعات ڪئي، ان پاليسي تحت فلم انڊسٽري تي ٽيڪس ختم ڪيا ويا، هاڻي پاڪستان ۾ فلم انڊسٽري تي زيرو ٽيڪس آهي. هن چي?? ته نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول ۾ آءِ ايس پي آر ۽ اطلاعات واري وزارت اهم ڪردار ادا ڪيو. هن فيسٽيول ۾ ڪامياب ٿيندڙ 15 شاگردن کي اسڪالرشپس ڏني پئي وڃي. انهن نوجوانن جي لاءِ اسڪالرشپس اسپانسر ڪرڻ تي ڊي پي ورلڊ جا پڻ ٿورائتا آهيون. هن چي?? ته پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ فلم ميڪنگ جو نصاب به شروع ڪيو پيو وڃي، ان سان اسان جا شاگرد پاڪستان ۾ فلم سازي سکي سگهندا. هن چي?? ته فنڪارن جي سپورٽ جي لاءِ فلم آرٽسٽ فنانس فنڊ شروع ڪيو ويو آهي جنهن جي اندر فنڪارن جي ميڊيڪل انشورنس جو بندوبست ڪيو پيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان يقين جو اظهار ڪي?? ته جڪڏهن فلم انڊسٽري ائين ئي ترقي ڪندي رهي ته ايندڙ سالن ۾ پاڪستان جو بيانيو مثبت طريقي سان دنيا آڏو اجاگر ٿيندو. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد شارٽ فلم جي اهميت تي روشني وجهندي چي?? ته اسان کي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت شخص اجاگر ڪرڻو آهي، ان مقصد جي لاءِ شارٽ فلمز مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. هن چي?? ته هن ڀيري شارٽ فلم جو ٿيم سمنڊ ۽ جبل آهي. تقريب کي ڊي پي ورلڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان احمد بن سلائم پڻ خطاب ڪيو.
دنيا فلم کي سياحت جي فروغ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، فلم جي ذريعي اسان پنهنجي ثقافت کي فروغ ڏئي سگهون ٿا: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ