اسلام آباد – 10اپريل (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي و??ير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته اسان سڀني کي آئين پاڪستان جي پاسداري ڪندي سمورن پاڪستانين لاءِ هڪ پرامن، خوشحال معاشري جي ت??مي?? لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ وفاقي و??ير چيو ته آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي (50 هين سالگرهه) جي موقعي تي ديس واسين کي مبارڪون ڏيان ٿي، پنهنجي عظيم قائد ۽ آئين جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي جنهن ان تاريخي دستاويز کي تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سينيٽر شيري رحمان چيو ته هي اسان جي ملڪ جي تاريخ جو هڪ اهم سنگ ميل آهي، ان ڏکئي ۽ ڊگهي سفر ۾ اسان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو ۽ و??ايو آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو، ڪارڪنن ۽ سمورن جمهوريت پسند ماڻهن کي سلام پيش ڪريان ٿي جن آئين ۽ جمهوريت جي ان سفر ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، آئون آصف علي زرداداري ۽ اتحادي حڪومت جي ٿورائتي آهيان جن 2010ع ۾ 18 هين ترميم پاس ڪري 73 ع جي آئين کي بحال ڪيو. شيري رحمان چيو ته اسان جي قوم لاءِ آئين هڪ جمهوري، منصفاڻو ۽ برابر معاشري جي رهنما اصولن جو ڪم ڪري ٿو، آئين وفاق جي سمورين ڌرين ۽ شهرين وچ ۾ هڪ سماجي معاهدو آهي. هن چيو ته هي شهيد ڀٽو جو آئين ئي آهي جيڪو اسان کي پاڻ ۾ مضبوطي سان جوڙي رکي ٿو ۽ و??رڻ نٿو ڏي. اچو پنهنجي آئين ۾ داخل قدرن کي برقرار رکڻ جي لاءِ عزم ڪريون ۽ آئين جي پاسداري ڪندي سمورن پاڪستانين لاءِ هڪ پرامن، خوشحال ۽ برابري معاشري جي ت??مي?? لاءِ گڏجي ڪم ڪريون.
پاڪستان جي آئين جي پاسداري ڪندي هڪ پرامن ۽ خوشحال معاشري جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : números quina hoje