لاهور – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته حڪومت عام ماڻهو کي بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي، آ??رب??ئيجان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ايل اين جي معاهدي سان گڏيل لاڳاپن جون نيون راهون کلنديون، ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان اڄ هڪ اهم ڏينهن آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس لاهور ۾ پاڪستان ۽ آ??رب??ئيجان جي وچ ۾ پيٽروليم صنعت ۾ تعاون جي معاهدي جي حوالي سان ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ جو ڏينهن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان هڪ اهم ڏينهن آهي، حڪومت پاڪستان آ??رب??ئيجان ماهوار هڪ جهاز ايل اين جي خريد ڪندي، خريداري جو اختيار پاڪستان وٽ هوندو، جنهن سان ايل اين جي نه خريد ڪرڻ تي ڏنڊ نه لڳندو. ان معاهدي سان ملڪ ۾ سستي ايل اين جي ميسر هوندي ۽ اها انرجي جي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ تمام وڏي اڳڀرائي ثابت ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ان معاهدي جو مدو هڪ سال تائين آهي جنهن کي وڌيڪ هڪ سال تائين وڌايو ويندو. هن چيو ته ان پيٽروليم معاهدي سان گذريل سال آ??رب??ئيجان ۾ الهام عليوف ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ?? پيٽروليم وارو سيڪريٽري ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ سندن ٽيم ان معاهدي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون آ??رب??ئيجان جي صدر ۽ پاڪستان ۾ آ??رب??ئيجان جي سفير جا ٿورا مڃان ٿو جن ان معاهدي کي پڄاڻي تائين پهچائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي سان بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻو پيو جيتوڻيڪ حڪومت ان اضافي جو بار غريب ماڻهن تي نه وجهندي، 31 سيڪڙو گهريلو صارفين کي جزوي سبسڊي ڏني وئي آهي، بجلي جي 200 يونٽ تائين جي گهريلو صارفين تي قيمت ۾ اضافو لاڳو نه هوندو. ان موقعي تي آ??رب??ئيجان جي سفير چيو ته معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي عڪاسي اهي ۽ ٻطرفي واپار جي ڪ??ٿي ۾ اضافي جي لاءِ اهم اڳڀرائي آهي. ان معاهدي سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستان سان وڌيڪ شعبن ۾ لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. ان کان اڳ پاڪستان ۽ آ??رب??ئيجان جي وچ ۾ پيٽروليم واري صنعت ۾ معاهدي جي ڪ??غذن تي صحيحون ڪيون ويون. پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان?? پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ?? پيٽروليم واري سيڪريٽري، پاڪستان ۾ آ??رب??ئيجان جي سفير، آ??رب??ئيجان جي پيٽروليم ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو سميت ٻيا به ان موقعي تي موجود هئا.
حڪومت عام ماڻهو کي بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا